Ahle-Taqwa Kay 4 Ausaf

Book Name:Ahle-Taqwa Kay 4 Ausaf

زرخيز(سرسبز) ٿي وڃي، اسان کي به صحيح معنيٰ ۾ هدايت نصيب ٿي وڃي ۽ اسان به دنيا ۽ آخرت ۾ ڪامياب ٿي وڃون. اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيِّينَ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم. 

اهلِ تقويٰ (تقوٰي وارا)هدايت قبول ڪندا آهن

الله پاڪ فرمايو آهي:

هُدًى لِّلْمُتَّقِیْنَۙ(۲) (پارہ :1 ،سورۂ بقرہ:2)

ترجمو ڪنزالعرفان: ڊڄڻ وارن لاءِ هدايت آهي.

ان کان اڳ قرآنِ پاڪ جو هڪ وصف بيان ڪيو ويو ته قرآن پاڪ لَارَیْب ڪتاب آهي، ان ۾ ڪنهن به قسم جي شڪ شبهي جي گنجائش ناهي. هي قرآنِ ڪريم جو ٻيو وصف آهي ته قرآن ڪريم هدايت وارو ڪتاب آهي ۽ ان هدايت کي قبول ڪير ڪندا آهن؟ ڪير ان هدايت مان فائدو حاصل ڪندا آهن؟ ارشاد ٿيو: لِلْمُتَّقِينَ يعني اهي اهلِ تقوٰي آهن، هِي ئي اُهي خوش نصيب آهن جن جي دل جي زمين زرخيز آهي، جڏهن ان تي قرآنِ پاڪ جي هدايت واري برسات وسندي آهي، جڏهن اهي قرآني آيتون ٻڌندا آهن ته ايمان ۽ يقين جا گل ٽڙندا آهن، نيڪي ۽ ڀلائي جا ميوا لڳندا آهن.

اهي اهلِ تقوى ڪير آهن؟ الله پاڪ هن مقام تي انهن جا 4 وَصفَ بيان ڪيا آهن:

(1): اهلِ تقويٰ جو پهريون وصف

الله پاڪ فرمايو:

الَّذِیْنَ یُؤْمِنُوْنَ بِالْغَیْبِ (پارہ :1 ،سورۂ بقرہ:3)

ترجمو ڪنزالعرفان: اُهي ماڻهو جيڪي اڻ ڏٺي ايمان آڻن ٿا.