Book Name:Ahle-Taqwa Kay 4 Ausaf
هي اهلِ تقوى جو پهريون وصف آهي: بنا ڏسڻ جي مڃڻ. ايئن سمجهو ته هدايت قبول ڪرڻ لاءِ هي هڪ بُنيادي شرط آهي، جيڪو ٻانهو بغير ڏسڻ جي ناهي مڃيندو، نٽائيندو رهندو آهي، سڀ ڪجهه عقل کي سمجهندو آهي، اهو ڪڏهن به هدايت حاصل نه ڪري سگهندو آهي.
هدايت قبول ڪرڻ جو هڪ بنيادي شرط
ان کي هڪ مثال سان سمجهو! مان ڪنهن شهر ۾ ويس، مون اڳ ۾ اهو شهر ناهي ڏٺو، ان جون گهٽيون، ان جا محلا، سڀ ڪجهه منهنجي لاءِ نئون آهي. هاڻي مون اُتي ڪنهن کان ايڊريس پڇي ته، ڀاءُ! مون کي فلاڻي جاءِ تي وڃڻو آهي، رستو ٻڌاءِ! سامهون وارو مون کي رستو ٻڌائي ٿو ته مون کي سندس ڳالهه بغير ڏسڻ جي مڃڻي پوندي، مون اهي گهٽيون نه ڏٺيون آهن، اهي رستا، اهي محلا مون نه ڏٺا آهن پر مون کي ان تي يقين ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن مان ان تي يقين نه ڪيان ۽ اُلٽو ان کي چوان ته تو رستو درست نه ٻڌايو آهي، ان جو ڪهڙو دليل آهي ته تون جيڪو ٻڌائي رهيو آهين اهو ئي صحيح رستو آهي؟ ته ان جهيڙي سان مان پنهنجي منزل تي نه پهچي سگهندس. جيڪڏهن مون کي پنهنجي منزل تي پهچڻو آهي ته مون کي بغير ڏسڻ جي مڃڻو ئي پوندو.
اهڙيءَ ريت هڪ نابينا شخص جنهن کي ڪجهه نظر نه ايندو آهي، ان کي روڊ يا رستو پار ڪرڻ لاءِ ڪنهن جو هٿ پڪڙڻو پوندو آهي، ان تي اعتماد ڪرڻو پوندو آهي. جيڪڏهن هُو ڪنهن جو هٿ نه پڪڙيندو ته حادثي جو شڪار ٿي سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن هُو ڪنهن اکين واري جو هٿ پڪڙيندو ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم حفاظت سان رستو پار ڪري وٺندو.