Book Name:Ahle-Taqwa Kay 4 Ausaf
ڪري ڇڏيو. هن ايپليڪيشن ۾: * اسلامي ڀائرن * اسلامي ڀينرن ۽ شاگردن لاءِ الڳ الڳ رسالا موجود آهن * ان کي 6 مختلف ٻولين * انگريزي * اردو * هندي * بنگالي * گجراتي * ۽ سنڌي ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو * ان ۾ مختلف نيڪ عملن تي مشتمل سوال ڏنا ويا آهن * هر سوال جي هيٺان 30 خانا آهن، روزانو پنهنجي مرضي مطابق ڪو به وقت مقرر ڪري پنهنجن عملن جو جائزو وٺندا ڪريو ۽ انهن جي مطابق پنهنجي زندگي گذاريو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم انهن جي برڪت سان گناهن کان بچڻ ۽ نيڪيون ڪرڻ جو ذهن ٺهندو، دل جي پاڪيزگي حاصل ٿيندي ۽ ڪردار صاف سٿرو ۽ خوبصورت بڻجي ويندو.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
(درست شرعي مسئلو ۽ عوام ۾ مشهور غلط مسئلي جي نشاندهي)
مسئلو: روح گهر جون شيون استعمال نه ڪندو آهي
وضاحت: عوام ۾ مشهور آهي ته جنهن بستري يا پلنگ تي ڪنهن جو انتقال ٿيندو آهي ان بستري يا پلنگ کي ميت کڻڻ کان بعد ٽن ڏينهن تائين اُڀو بيهاري ڇڏجي، نه ته روح اچي ان بستري يا پلنگ تي سمهي پوندو آهي، ان ۾ ڪا به حقيقت نه آهي. دراصل ديني معلومات جي ڪمي هئڻ سبب ان طرح جون بي ثبوت ڳالهيون عوام ۾ گردش ڪري رهيون هونديون آهن، تنهنڪري اهڙين ڳالهين تي هرگز ڌيان نه ڏيڻ گهرجي.
صَلُّوا عَلَی الْحَبِیب صَلَّی اللهُ علٰی مُحَمَّد