Book Name:Ahle-Taqwa Kay 4 Ausaf
وَ بِالْاٰخِرَةِ هُمْ یُوْقِنُوْنَؕ(۴) (پارہ :1 ،سورۂ بقرہ:4)
ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ اهي آخرت تي يقين رکن ٿا.
احتساب جو خوف هڪ لغام آهي جيڪو انسان کي ڀٽڪڻ کان بچائيندو آهي. جڏهن انسان کي اهو معلوم ٿي وڃي ته منهنجي هيءَ زندگي، منهنجا ساههَ، منهنجا ڏينهن ۽ راتيون بيڪار نه آهن، مون کان پڇا ڪئي ويندي، منهنجي هڪ هڪ عمل جو حساب ورتو ويندو، تڏهن ماڻهو هر ڪم سوچي سمجهي ڪندو آهي، جيڪڏهن اهو خوف دل ۾ نه رهي ته پوءِ انسان بي لغام ٿي ويندو آهي.
انهيءَ ڪري هدايت کي قبول ڪرڻ ۽ راهِه هدايت تي استقامت سان هلڻ لاءِ آخرت تي يقين ۽ حساب جو خوف هجڻ لازم ۽ ضروري آهي.
يهودي راهِه هدايت کان ڀٽڪي ويا، انهن قرآن جون آيتون ٻڌيون، معجزا ڏٺا، اهي ڄاڻندا هئا ته پيارا آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سچا نبي آهن، بلڪه اهي پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي پنهنجن پٽن کان به وڌيڪ سڃاڻندا هئا. روايتن ۾ ايتري تائين بيان ٿيل آهي ته جڏهن اسان جي آقا، امامُ الانبياء صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي والدِ محترم حضرت عبد الله رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي مڪي پاڪ ۾ ولادت ٿي ته ان وقت مُلڪِ شام ۾ ويٺل يهودين کي آسماني ڪتابن جي مدد سان اهو معلوم ٿي ويو هو ته اڄ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جا والدِ محترم پيدا ٿي ويا آهن. ([1]) ايتري سڃاڻپ هجڻ جي باوجود به انهن ڪلمو نه پڙهيو، قرآني هدايت کي قبول نه ڪيو، ان جو