Book Name:Ahle-Taqwa Kay 4 Ausaf
سبب ڇا هو؟ الله پاڪ فرمائي ٿو:
ذٰلِكَ بِاَنَّهُمْ قَالُوْا لَنْ تَمَسَّنَا النَّارُ اِلَّاۤ اَیَّامًا مَّعْدُوْدٰتٍ۪- (پارہ :3 ،سورۂ آل عمران:24)
ترجمو ڪنزالعرفان: اها جراءت انهن کي ان ڪري ٿي جو اهي چون ٿا: هرگز اسان کي باهه نه ڇهندي پر ڳڻپ جا ڪجهه ڏينهن.
انهن پنهنجو هي ذهن بڻائي ڇڏيو هو ته جنت اسان جي آهي * اسان ڪجهه به ڪريون * گناهه ڪريون * نافرمانيون ڪريون * انبياءِ ڪرام عَلَیْهِمُ السَّلَام جون گستاخيون ڪريون * الله پاڪ جي حڪمن کان منهن موڙيون * الله پاڪ جي ڪتاب ۾ پنهنجي مرضي سان رد و بدل ڪريون، ڪجهه به ڪريون، اسان کي دوزخ ۾ صرف چند ڏينهن لاءِ ئي وڃڻو پوندو، پوءِ جنت اسان جي پڪي آهي. انهن جي انهيءَ بيخوفي انهن کي غرق ڪري ڇڏيو ۽ اهي بي لغام ٿي هدايت جي راهه کان محروم رهجي ويا.
معلوم ٿيو ته هدايت قبول ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي ته ٻانهي جي دل ۾ احتساب (محاسبي) جو خوف هجي. ان کان سواءِ هدايت حاصل ڪرڻ تمام ڏکيو آهي.
خُلاصو هي آهي ته قرآن سڄي دنيا لاءِ هدايت آهي، پر هر ڪو ان هدايت کي قبول نه ٿو ڪري. قرآن ڄڻ بارش آهي، جنهن جي دل جي زمين زرخيز آهي، جڏهن اهو قرآن ٻڌندو يا پڙهندو آهي ته سندس دل ۾ ايمان ۽ يقين جا گل ٽڙندا آهن، نيڪي ۽ تقويٰ جو ميوو لڳندو آهي پر جنهن جي دل جي زمين سرسبز ناهي بلڪه ڪچري جو ڍير آهي، اهو جڏهن قرآني آيتون ٻڌندو آهي ته