Ahle-Taqwa Kay 4 Ausaf

Book Name:Ahle-Taqwa Kay 4 Ausaf

بدبوءِ ڦهلجندي آهي ۽ ان جي سرڪشي ۾ واڌارو ٿي ويندو آهي. تنهنڪري جيڪڏهن اسان قرآن پاڪ مان هدايت حاصل ڪري دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي ماڻڻ چاهيون ٿا ته اسان لاءِ لازمي آهي ته پنهنجي دل جي زمين کي سرسبز بڻايون. ان لاءِ اسان کي چار ڳالهيون اختيار ڪرڻيون پونديون: (1): اِيمان بالغيب (يعني بغير ڏسڻ جي مڃڻ ، الله پاڪ ۽ ان جي پياري محبوب  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي مڪمل اعتماد جي عادت بڻايون) (2):  نماز قائم ڪريون (يعني نماز جي ظاهري ۽ باطني ادبن جو لحاظ رکي پابندي سان نماز پڙهون) (3): حرص، حوس ۽ مال جي محبت دل مان ڪڍي، راهِه خدا ۾ دل کولي خرچ ڪريون (4): آخرت تي مڪمل يقين رکون ۽ دل ۾ بارگاهِه الٰهي ۾ پيش ٿيڻ جو خوف پيدا ڪيون.

اهلِ تقويٰ جي هڪ فضيلت

جنهن خوش نصيب کي اهي چار اوصاف نصيب ٿي وڃن، پوءِ ان جو مان مرتبو، عزت ۽ فضيلت ڇا آهي؟ الله پاڪ فرمائي ٿو:

اُولٰٓىٕكَ عَلٰى هُدًى مِّنْ رَّبِّهِمْۗ-وَ اُولٰٓىٕكَ هُمُ الْمُفْلِحُوْنَ(۵) (پارہ :1  ،سورۂ بقرہ:5)

ترجمو ڪنزالعرفان: اهي ئي ماڻهو پنهجي رب جي طرف کان هدايت تي آهن ۽ اهي ئي ماڻهو ڪاميابي حاصل ڪرڻ وارا آهن.

يعني قيامت تائين اهي ماڻهو جن جون هي صفتون آهن، اهي هدايت تي غالب آهن، هدايت انهن جي قبضي ۾ اچي چڪي آهي. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم اها انهن کان ڇڏائي نٿي سگهي. نفس و شيطان، دنيا جا فڪر ۽ ٻيون راحتون ۽