Book Name:Ahle-Taqwa Kay 4 Ausaf
ٽِڙندا آهن، نيڪي ۽ تقويٰ جا ميوا لڳندا آهن.
معلوم ٿيو ته هدايت قبول ڪرڻ جي لاءِ ٽيون ۽ بنيادي شرط آهي ته ماڻهو جي دل ۾ حرص، حوس ۽ مال جي محبت نه هجي ۽ ان جو علاج هي آهي ته ٻانهو کُليءَ دل سان الله جي راهه ۾ خرچ ڪندو رهي.
پيارا اسلامي ڀائرو! اَلحَمْدُ للہِ! دعوتِ اسلامي سموري دنيا ۾ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ واري ديني تحريڪ آهي. الله پاڪ جي فضل سان *دعوتِ اسلامي 80 کان وڌيڪ شعبن ۾ دين جي خدمت انجام ڏئي رهي آهي. * دعوتِ اسلامي هن وقت تائين هزارين مسجدون، سوين فيضانِ مدينه (مدني مرڪز) بڻائي چڪي آهي *ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين (Boys & Girls) کي الڳ الڳ قرآن پاڪ جي تعليم ڏيڻ لاءِ هن وقت تائين تقريباً 10489 ( 10 هزار 489) مدرسة المدينه قائم ڪيا ويا آهن، جن ۾ تقريباً 341821 (3 لک 41 هزار 8 سو 21) ٻارن کي حفظ ۽ ناظره جي مفت تعليم ڏني پئي وڃي *فروغِ علمِ دين (عالم و عالمه ڪورس ڪرائڻ) جي لاءِ الڳ الڳ جامعة المدينه قائم آهن. هن وقت تائين تقريباً 1310 (1 هزار 3 سو 10) جامعة المدينه قائم ٿي چڪا آهن جن ۾ تقريباً 104857 (1 لک 4 هزار 8 سو 57) شاگردن ۽ شاگردياڻين کي درسِ نظامي (عالم و عالمه ڪورس) مفت ڪرايو پيو وڃي. هن وقت تائين تقريباً 24257 (24 هزار 2 سو 57) شاگرد ۽ شاگردياڻيون عالم ۽ عالمه ڪورس مڪمل ڪري چڪا آهن. پاڪستان ۾ هن وقت تائين 14 هزار دارالافتاء اهل سنت قائم ڪيا ويا آهن، جتي مفتيانِ ڪرام امت جي شرعي