Book Name:Ahle-Taqwa Kay 4 Ausaf
تڪليفون انهن کي هن هدايت کان پري نه ٿيون ڪري سگهن. الله پاڪ جي فضل ۽ ڪرم سان هي ان راهه تي هلي رهيا آهن، جيڪا جهنم کان بچائيندي آهي، الله پاڪ جي محبوب ٻانهن سان ملائيندي آهي، جنت ۾ داخل ڪرائيندي آهي ۽ آخرڪار الله رَبُّ العَالَمِين تائين پهچائيندي آهي. ([1])
مشهور مفسرِ قرآن، حڪيم الاُمّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: انهن آيتن جو مطلب هي آهي ته جن ماڻهن ۾ هي عقيدا (مثلاً اِيمان بالغيب، قبر ۽ آخرت، جنت، دوزخ وغيره تي ڪامل ايمان) ۽ هي اعمال (مثلاً نماز جي پابندي ۽ راهِه خدا ۾ خرچ ڪرڻ) موجود هجن، اهي مڪمل هدايت تي آهن ۽ ڪامل ڪامياب آهن ۽ جن ۾ اهي اوصاف موجود نه هجن، اهي مڪمل ڪامياب نه ٿيند، جيڪڏهن انهن جا عقيدا درست نه هجن ته اهي ڪاميابيءَ کان بلڪل محروم آهن ۽ جيڪڏهن صرف اعمال بگڙيل آهن، ته اهي ناقص ڪامياب آهن. ([2])
الله پاڪ اسان کي تمام اسلامي عقيدن تي پختو يقين رکڻ، نماز قائم ڪرڻ، راهِه خدا ۾ خرچ ڪرڻ، نيڪ ڪم ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ اسان کي ڪامل ڪاميابي عطا فرمائي. اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّمَ.
نيڪ اعمال (Naik Amal) موبائل ايپلي ڪيشن
پيارا اسلامي ڀائرو! نيڪ بڻجڻ ۽ نيڪ عملن ۾ اضافي لاءِ دعوتِ اسلامي جي I.T ڊپارٽمينٽ هڪ موبائل ايپليڪيشن جاري ڪئي آهي، جنهن جو نالو آهي : نيڪ اعمال (Naik Amal)هيءَ ايپليڪيشن پنهنجي موبائل ۾ انسٽال