Book Name:Ahle-Taqwa Kay 4 Ausaf
اهڙيءَ طرح * اسان پنهنجي سڀاڻي کي نه ٿا ڄاڻون * اسان قبر ۾ ماڻهن کي لهندي ڏٺو آهي، پر قبر ۾ لهڻ کان پوءِ انهن سان ڇا ٿيندو آهي؟ اسان کي ڪا خبر نه آهي * قيامت، حشر، پُل صراط، جنت، دوزخ اهي سڀ اسان نه ڏٺا آهن* بلڪه اسان جي سڀاڻي ڪيئن هوندي؟ اسان ان معاملي ۾ به ڄڻ اڻڄاڻ آهيون. اسان نه ٿا ڄاڻون ته سڀاڻي ڇا ٿيندو. تنهنڪري اسان کي ڪنهن ڏسندڙ جو هٿ وٺڻو پوندو. اسان نه ٿا ڄاڻون، جيڪو ڄاڻي ٿو، اسان کي ان جي ڳالهه بغير ڏسڻ جي مڃڻي پوندي. مڃينداسين تڏهن ئي ڪامياب ٿي سگهنداسين، جيڪڏهن نه مڃينداسين ته ناڪام رهجي وينداسين. تنهنڪري هدايت قبول ڪرڻ جو بنيادي شرط اهو آهي ته هدايت اهو ئي قبول ڪري سگهي ٿو جيڪو بغير ڏسڻ جي مڃيندو آهي، جيڪو بغير ڏسڻ جي نه مڃيندو آهي، نٽائيندو وتندو آهي، سڀ ڪجهه عقل کي سمجهندو آهي، اهو هدايت قبول نه ٿو ڪري سگهي. ڪنهن شاعر چيو آهي:
تجھے کیا بتاؤں کہ معجزہ کیا ہے تُو تو آگے سے بولتا ہے مِیَاں
وضاحت: يعني جيڪو سامهون زبان درازي ڪري، چنڊ کي ٻه ٽڪرا ٿيندو ڏسي به چوي ته اهو جادو آهي، پٿرن کي ڪلمو پڙهندي ٻڌي پوءِ به نه مڃي، اهڙي شخص کي معجزا ڏسي به فائدو نه ٿيندو آهي.
اي عاشقانِ رسول! تنهنڪري اسان کي گهرجي ته اسان الله ۽ رسول صَلَّی اللہُ عَلَیْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّمَ جي حڪمن کي بغير ڏسڻ جي مڃڻ جي عادت بڻايون، ڇو جو جيڪو بغير ڏسڻ جي مڃيندو آهي، اهو هدايت حاصل ڪندو آهي، ڪاميابي ان جا قدم چمندي آهي. ڏسو! مسلمانن جي پهرين خليفي حضرت ابوبڪر