Book Name:Ahle-Taqwa Kay 4 Ausaf
درود اُن پہ بھیجو سلام اُن پہ بھیجو یہی مؤمنوں سے خدا چاہتا ہے
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:
هُدًى لِّلْمُتَّقِیْنَۙ(۲) الَّذِیْنَ یُؤْمِنُوْنَ بِالْغَیْبِ وَ یُقِیْمُوْنَ الصَّلٰوةَ وَ مِمَّا رَزَقْنٰهُمْ یُنْفِقُوْنَۙ(۳) وَ الَّذِیْنَ یُؤْمِنُوْنَ بِمَاۤ اُنْزِلَ اِلَیْكَ وَ مَاۤ اُنْزِلَ مِنْ قَبْلِكَۚ-وَ بِالْاٰخِرَةِ هُمْ یُوْقِنُوْنَؕ(۴) اُولٰٓىٕكَ عَلٰى هُدًى مِّنْ رَّبِّهِمْۗ-وَ اُولٰٓىٕكَ هُمُ الْمُفْلِحُوْنَ(۵) (پارہ :1 ،سورۂ بقرہ :2-5)
ترجمو ڪنزالعرفان: ڊڄڻ وارن جي لاءِ هدايت آهي. اهي ماڻهو جيڪي اڻ ڏٺي ايمان آڻن ٿا ۽ نماز قائم ڪن ٿا. ۽ اسان جي ڏنل رزق منجهان ڪجهه (اسان جي راهه) ۾ خرچ ڪن ٿا ۽ اهي ايمان آڻن ٿا ان تي جيڪو تنهنجي طرف نازل ڪيو ۽ جيڪو توکان پهريان نازل ڪيو ويو ۽ اهي آخرت تي يقين رکن ٿا. اهي ئي ماڻهو پنهجي رب جي طرف کان هدايت تي آهن ۽ اهي ئي ماڻهو ڪاميابي حاصل ڪرڻ وارا آهن.
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان سورت بقره جون 4 مبارڪ آيتون ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي، انهن بابرڪت آيتن ۾ بنيادي طور تي قبولِ هدايت جي اهليت بيان ٿي آهي.
ياد رکو! هتي ٻه ڳالهيون آهن: (1): هڪ آهي قرآن جو هدايت هئڻ(2): ۽ ٻيو آهي؛ ان هدايت کي قبول ڪرڻ. انهن ٻنهي ۾ وڏو فرق آهي. مثال