Book Name:Ahle-Taqwa Kay 4 Ausaf
مڃيو آهي، ان تي عمل ڪنداسين تڏهن ئي پنهنجي منزل تي پهچي سگهنداسين.
هڪ دفعي هڪ صحابي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ بارگاههِ رسالت ۾ حاضر ٿيو، عرض ڪيائين: يا رسولَ اللہ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! فلاڻو شخص نماز به پڙهندو آهي ۽ چوري به ڪندو آهي. آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: هن کي ڇڏي ڏيو! هن جي نماز کيس چوري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيندي. ([1])
حضرت فضيل بن عياض رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه تمام وڏا وليُ الله ٿي گذريا آهن، توبهه کان اڳ پاڻ تمام وڏا ڌاڙيل هئا، پوءِ هنن توبهه ڪئي ۽ ولايت جي بلند مقام تائين پهتا، کين توبهه جي توفيق ڇو ملي؟ ان جو ظاهري سبب ڇا هو؟ ان جي باري ۾ علماءِ ڪرام فرمائن ٿا: حضرت فضيل بن عياض رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه پنج وقت نماز جا سخت پابند هئا حيرت جي ڳالهه ڏسو! اسان وٽ وڏين وڏين آفيسن ۾ به ائين ناهي هوندو، پر حضرت فضيل رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ڌاڙا هڻڻ لاءِ ڌاڙيلن جي جيڪا ٽولي ٺاهي هئي انهن تي به نماز پڙهڻ لازم ڪري ڇڏيو هو، جيڪو نماز نه پڙهندو هو ان کي پنهنجي جماعت مان ڪڍي ڇڏيندا هئا.
هڪ دفعي هڪ قافلو ڪيڏانهن وڃي رهيو هو، رستي ۾ انهن کي خبر پئي ته هن رستي ۾ ته فضيل ڌاڙيل آهي، جيڪو قافلا لٽيندو آهي. ان قافلي ۾ هڪ شخص وٽ تمام گهڻي رقم هئي، هن سوچيو ته مان ڪنهن طريقي سان پنهنجي رقم لڪائي ڇڏيان، اهو سوچيندي هو صحرا جي طرف ويو ۽ پنهنجي رقم دفن ڪرڻ لاءِ مناسب جڳهه تلاش ڪرڻ لڳو، انهيءَ دوران سندس