Book Name:Ahle-Taqwa Kay 4 Ausaf
صِدِّيق رَضِیَ اللہُ عَنْهُ بغير ڏسڻ جي مڃيو ته ڪيتري بلند مقام تي پهتا...!! معراج جي تصديق سندن ڪهڙي نه نرالي انداز سان ڪيائون! هڪ ڪافر کين چيو: اي ابوبڪر! تنهنجو دوست مُحَمَّد صَلَّی اللہُ عَلَیْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّمَ فرمائي ٿو ته مان رات مسجدِ اقصيٰ ويس ۽ صبح ٿيڻ کان اڳ ۾ واپس مڪي پهچي ويس. حضرت صِدِّيقِ اڪبر رَضِیَ اللہُ عَنْهُ فرمايو: جيڪڏهن اها ڳالهه منهنجي محبوب صَلَّی اللہُ عَلَیْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّمَ فرمائي آهي ته بلڪل سچ چيو آهي. ([1])
اگر شاہ رَوْزِ رَا گَوْیَد شَبْ اَسْت اِیْں بَیَایَد گُفَتْ اِیْں کَہْ مَاہ و پَروِیْں
شعر جو مفهوم: جيڪڏهن بادشاهه ڏينهن جي وقت کي چوي ته هي رات آهي ته چوڻ گهرجي: جي ها! هي ڏسو، چنڊ، تارا نظر اچي رهيا آهن.
قُرآني هدايت کي قبول ڪرڻ وارن، يعني اهلِ تقوى جو ٻيو وصف بيان ڪندي الله پاڪ فرمايو:
وَ یُقِیْمُوْنَ الصَّلٰوة (پارہ :1 ،سورۂ بقرہ :3)
ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ نماز قائم ڪن ٿا.
باقاعدگي سان عمل جي ميدان ۾ لهڻ. هي به هدايت کي قبول ڪرڻ لاءِ تمام ضروري آهي. مثال طور ڪو شخص ٻن رستن تي بيٺو آهي، توهان ان کي ڪيترو به ٻڌايو، سمجهايو ته سڌو رستو هي آهي، هن تي هلندين ته منزل تي پهچي ويندين، پر جيڪڏهن هو قدم ئي نه کڻي، ان رستي تي هلڻ جي تڪليف ئي گوارا نه ڪري ته يقيناً هو منزل تي نه پهچي سگهندو. تنهنڪري جڏهن اسان باقاعده عمل جي ميدان ۾ لهنداسين، جيڪو ڪجهه اسان اڻ ڏٺي