Ahle-Taqwa Kay 4 Ausaf

Book Name:Ahle-Taqwa Kay 4 Ausaf

َ وَ مِمَّا رَزَقْنٰهُمْ یُنْفِقُوْنَۙ(۳) (پارہ :1  ،سورۂ بقرہ:3)

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ اسان جي ڏنل رزق منجهان ڪجهه (اسان جي راهه ۾) خرچ ڪن ٿا.

راھهِ خُدا ۾ خرچ ڪرڻ دل مان مال جي محبت کي ختم ڪرڻ جو زبردست علاج آهي. ڏسو! جڏهن اسان بازار مان شيون خريد ڪندا آهيون، ته توڙي جو هزارن، لکن جو بل ٿي وڃي تڏهن به دل سست نه ٿيندي آهي، ڇو؟ ان ڪري ته جيڪڏهن رقم وڃي رهي آهي ته ان جي بدلي ۾ ڪجهه حاصل به ٿي رهيو آهي.پر راھِ خُدا ۾ چند هزار ڏيڻ وقت به دل سست ٿيندي آهي ڇاڪاڻ ته ان جي بدلي ۾ بظاهر ڪجهه نه ملندو آهي *راھِ خُدا ۾ خرچ ڪرڻ جي لاءِ فڪرِ آخرت جي ضرورت هوندي آهي * الله پاڪ جي رِضا ۽ * آخرت ۾ اجر جي محبت جڏهن مال جي محبت تي غالب ايندي آهي ته انسان الله پاڪ جي راهه ۾ مال خرچ ڪندو آهي *راھِ خُدا ۾ مال خرچ ڪرڻ ۾ توڪل آهي *الله پاڪ تي ڀروسو ۽ يقين آهي *ان ۾ فڪرِ آخرت آهي *الله پاڪ جي رضا حاصل ڪرڻ جي تمنا آهي *الله جي محبت آهي. تنهنڪري جڏهن اسان بار بار پنهنجي نفساني خواهشن کي دٻائي، الله پاڪ تي ڀروسي، يقين، سندس رضا جي طلب ۽ محبتِ الٰهي جو عملي مظاهرو ڪندا رهندا آهيون ته آهستي آهستي اسان جي دل مان مال جي محبت ختم ٿي ويندي آهي ۽ آخرت جي طلب غالب ٿي ويندي آهي، اهڙي طرح جڏهن مال جي محبت دل مان نڪري ويندي آهي ته دل صاف ٿي ويندي آهي، دل جي زمين زرخيز ٿي ويندي آهي ۽ پوءِ جڏهن انسان قرآني آيتون پڙهندو يا ٻڌندو آهي ته سندس دل ۾ ايمان ۽ يقين جا گُلَ