Faizan e Khadija tul Kubra

Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra

(2): حضرت خديجه  رَضِیَ اللہُ عنہا جو علمي شان

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان حديث ٻڌي، پيارا محبوب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم غارِ حرا مان تشريف کڻي آيا، دلِ پاڪ تي رُعْب جي ڪيفيت هئي، فرمايائون:  مون کي پنهنجي جان تي خوف آهي، جنهن تي حضرت خديجه رَضِیَ اللہُ عنہا دلجوئي ڪنديِ عرض ڪيو: کَلَّا وَاللہِ مَا یُخْزِیْکَ اللہُ اَبَدًا يعني ايئن هرگز نه ٿيندو، خدا جو قسم! الله پاڪ اوهان کي ڪڏهن به رسوا نه  فرمائيندو، ڇوته * بيشڪ توهان صلهءِ رحمي ڪندا آهيو              * ڪمزورن جو بار کڻندا آهيو * محتاجن لاءِ ڪمائيندا آهيو مهمان نوازي ڪندا آهيو *                          ۽ راههِ حق ۾ مشڪلاتون برداشت ڪندا آهيو. [1]

 حضرت خديجه رَضِیَ اللہُ عنہا  جي هن ارشاد مان معلوم ٿيندو آهي ته پاڻ تمام گهڻي علم واري، الله پاڪ جي سڃاڻپ رکڻ واري، عظيم ترين خاتون هيون. [2] کين معلوم هو ته پيارا اخلاق، پاڪيزه اوصاف ۽ ڪمالات جو انجام هميشه سٺو ئي ٿيندو آهي، الله پاڪ سٺن اوصاف وارن کي ڪڏهن به رسوا نه فرمائيندو آهي.

 سُبْحٰنَ الله!          پيارا اسلامي ڀائرو! اڃان هي اسلام جو بلڪل شروعاتي مرحلو آهي، هن مرحلي تي حضرت خديجه رَضِیَ اللہُ عنہا   يتيمَن جو سهارو بڻجڻ جي فضيلت به ڄاڻن ٿيون، ٻين جا غم ونڊڻ جي اهميت به سمجهن ٿيون ۽ الله پاڪ جي ايتري سڃاڻپ به رکن ٿيون جو الله پاڪ ڪهڙي شخص کي سزا ڏيندو آهي ۽ ڪنهن کي بلندي ۽ عروج سان نوازيندو آهي. سُبْحٰنَ الله!          جڏهن پهرين وحي نازل ٿيڻ وقت سندن علم جو اهو شان آهي، ته سوچيو! پياري محبوب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم کان ڪيتريون ئي قرآني آيتون سکڻ بعد ان علم ۾ ڪيترو اضافو ٿيو هوندو...!!

سِیَّمَا پہلی ماں، کَہْفِ اَمنُ و اَمَاں           حق   گزارِ  رفاقت   پہ   لاکھوں   سلام[3]


 

 



[1]... بخاری، کتاب بدء الوحی، صفحہ:66، حدیث:3۔

[2]... عمدۃ القاری، کتاب بدءالوحی، جلد:1، صفحہ:108، زیرِ حدیث:3۔

[3]... حدائقِ بخشش، صفحہ:310۔