Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra
خوشيءَ جو سبب آهي(3): فرشتن کي خوشي ٿيندي آهي (4): مسلمانن جي طرفان ان شخص جي تعريف ٿيندي آهي (5): شيطان کي ان سان ڏک پهچندو آهي (6): عمر وڌندي آهي (7): رزق ۾ برڪت ٿيندي آهي (8): فوت ٿي ويل مسلمان اَبا ڏاڏا خوش ٿيندا آهن (9): پاڻ ۾ محبت وڌندي آهي (10): وفات کان پوءِ ان جي ثواب ۾ اضافو ٿيندو آهي، ڇو ته ماڻهو ان جي لاءِ دعا ڪندا آهن. ([1])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي.
اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم
پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ للّٰہ! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي سڄي دنيا ۾ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ ۾ مصروف آهي، فيضانِ رمضان حاصل ڪرڻ، گناهن کان بچڻ ۽ نيڪ نمازي بڻجڻ لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو. اَلْحَمْدُ للّٰہ! دعوتِ اسلامي جي تحت سڄي دنيا ۾ هزارين جايُن تي اجتماعي اعتڪاف به ڪرايو ويندو آهي، توهان به پورو رمضان شريف يا گهٽ ۾ گهٽ آخري ڏهاڪي جي اجتماعي اعتڪاف جي نيت ڪري وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! رمضان شريف ۾ گناهن کان بچڻ، نيڪيون ڪرڻ، نفلي عبادتن جو شوق وڌڻ سان گڏوگڏ تمام گهڻو علمِ دين سکڻ جو موقعو پڻ ملندو.
آئیں گی سنّتیں جائیں گی شامَتیں دینی ماحول میں کر لو تم اعتِکاف
تم سدھر جاؤ گے، پاؤ گے برکتیں دینی ماحول میں کر لو تم اعتِکاف
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد