Faizan e Khadija tul Kubra

Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra

کي خبر آهي ته هي ڇا آهن؟ صحابه ڪرام رَضِیَ اللہُ عَنْهُمْ عرض ڪيو: اَللہُ وَ رَسُوْلُہُ اَعْلَمُ   يعني الله پاڪ ۽ ان جو رسول صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم بهتر ڄاڻن ٿا. فرمايائون: جنتي عورتن ۾ سڀ کان وڌيڪ فضيلت واريون هي چار عورتون آهن: (1) خَدِیجَہ بنتِ خُوَیْلِد يعني حضرت خديجة الڪبريٰ رَضِیَ اللہُ عَنْهَا (2) فاطِمہ بنتِ مُحَمَّد  (3) فرعون جي زال آسیہ بنتِ مُزَاحِم   ۽ حضرت عيسى عَلَیْهِ السَّلَام  جي والده محترمه حضرت مَرْیَم بنتِ عِمْرَان (رَضِیَ اللهُ عَنْہُن ). ([1])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!    صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

اوھان رَضِیَ اللہُ عَنْهَا جون ڪجھ خاص خوبيون

پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ حضرت خديجة الڪبريٰ رَضِیَ اللہُ عَنْهَا کي ڪثير فضائل، مناقب ۽ خاصيتن سان نوازيو هو. هتي اسان سندن جون ڪجھه خاص خوبيون ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿا: جيئن ته (1) حضرت خديجة الڪبريٰ رَضِیَ اللہُ عَنْهَا  سڀ کان پهريان نبي پاڪ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي نڪاح ۾ آيون. (2) رسولِ هاشمي صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم سندن حياتِ مبارڪ ۾ ٻي شادي نه ڪئي. (3) نبي پاڪ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم  جي سموري اولاد، سواءِ حضرت ابراهيم  رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  جي، اوهان رَضِیَ اللہُ عَنْهَا مان پيدا ٿي. (4) پاڻ ئي سڀني ساداتن جي ناني جان آهن. (6) عورتن ۾ سڀ کان پهريان سندن ئي اسلام قبول ڪيو. (6) نبي پاڪ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم   کان پوءِ اسلام ۾ سڀ کان پهريان سندن ئي نماز ادا ڪئي.[2]

هڪ ايمان افروز حديث پاڪ

بُخاري شريف جيڪو حديث پاڪ جو سڀني کان معتبر ڪتاب آهي، ان ۾ هڪ ايمان افروز حديث پاڪ بيان ٿيل آهي، مان ڪجهه وضاحت ۽ تشريح سان اها حديث پاڪ بيان ڪيان ٿو، پوءِ ان حديث مان حاصل ٿيندڙ سبق ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين. اسان جي آقا و مولا، مڪي مدني مصطفى صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي


 

 



[1] مسند احمد، مسند بنى هاشم، مسند عبد الله بن العباس...الخ،جلد:2صفحہ:241، حديث:2720۔

[2] فیضانِ خدیجۃ الکبریٰ، صفحہ:59-62 ملتقطاً۔