Faizan e Khadija tul Kubra

Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra

سُبْحٰنَ الله!  حضرت خديجه الڪبريٰ رَضِىَ اللهُ عَنْهُا  جي صله رحمي جو جذبو مرحبا! اسان کي به گهرجي ته مسلمان ڀاءُ جي پريشاني دور ڪيون، جيڪڏهن ڪنهن کي قرض جي ضرورت هجي ته قرض ڏئي ڇڏيون، ڪو ويچارو غريب هجي ته ان جي مدد ڪيون، نابينا جو هٿ پڪڙي ان کي رستو پار ڪرايون، *                               معذور جي مدد ڪيون، *                                                  گمراهن کي صحيح واٽ ٻڌايون *                                                                      ڪمزور جو سامان کڻڻ ۾ مدد ڪيون.    * رمضان شريف جو پيارو مهينو پنهنجون رحمتون ۽ برڪتون لٽائي رهيو آهي، جيڪڏهن الله پاڪ توفيق ڏئي ته انهن مسلمان ڀائرن سان ڀلائي ڪيون، جيڪي مالي طور تي ڪمزور آهن. انهن جي علائقن ۾ وڃي افطار اجتماع جو اهتمام ڪيون، پنهنجي پاڙي ۽ علائقي جي غريب سفيد پوش مسلمانن جي گهرن ۾ افطار پهچايون، انهن لاءِ سحري جو بندوبست ڪريون. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دنيا ۽ آخرت جون ڀلايون نصيب ٿينديون.

صلهءِ رحمي ڪريو!

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جو هي وصف به بيان ڪيو ويو آهي ته پاڻ صِلهءِ رحمي فرمائڻ وارا آهن.

صِله جو مطلب آهي: ڀلائي ۽ احسان ڪرڻ. رحم مان مراد رشتيداري  آهي. يعني صِلهءِ رحمي جو مطلب ٿيو: رشتا جوڙڻ، يعني رشتيدارن سان نيڪي ۽ ڀلائي سان پيش اچڻ. الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

وَ اٰتِ ذَا الْقُرْبٰى حَقَّهٗ  (پارہ:15، سورۂ بنی اسرائیل:26)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ رشتيدارن کي انهن جو حق ڏيو.

يعني پنهنجي رشتيدارن سان صِلهءِ رحمي ڪيو! انهن سان محبت  ۽ ميل ميلاپ رکو! موقعي جي مناسبت سان انهن جي مدد ڪيو! ۽ انهن سان سٺا تعلقات رکو...!! [1]


 

 



[1] خزائن العرفان، پارہ:15، سورۂ بنی اسرائیل، زیرِ آیت:26، صفحہ:530۔