Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra
ٿي ته پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم سڄو واقعو حضرت خديجه رَضِیَ اللہُ عَنْهَا کي ٻڌايو ۽ فرمايائون: مون کي پنهنجي جان جو خوف آهي.
اِن موقعي تي حضرت خديجه رَضِیَ اللہُ عَنْهَا جيڪو خوبصورت ڪردار ادا ڪيو، يقين ڪيو! اهو انتهائي اعلى ۽ بي مثال ڪردار آهي. پاڻ رَضِیَ اللہُ عَنْهَا پياري محبوب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي دلجوئي ڪندي عرض ڪيو: کَلَّا وَاللہِ مَا یُخْزِیْکَ اللہُ اَبَدًا يعني ايئن هرگز نه ٿيندو، خدا جو قسم! الله پاڪ اوهان کي ڪڏهن به رسوا نه فرمائيندو. ان ڪري جو * اِنَّکَ لَتَصِلُ الرَّحِمَ بيشڪ اوهان صِلهءِ رحمي ڪندا آهيو * وَ تَحْمِلُ الْکَلَّ ڪمزورَن جو بارُ کڻندا آھيو * وَ تَکْسِبُ الْمَعْدُوْمَ محتاجن لاءِ ڪمائيندا آھيو. *وَ تَقْرِی الضَّیْفَ مهمان نوازي ڪندا آھيو *وَ تُعِیْنُ عَلیٰ نَوَائِبِ الْحَقِّ يعني راههِ حق ۾ تڪليفون برداشت ڪندا آھيو.
وہ نبیوں میں رحمت لقب پانے والے مرادَیں غریبوں کی بَر لانے والے
مصیبت میں غیروں کے کام آنے والے وہ اپنے پرائے کا غم کھانے والے
فقیروں کا ملجا، ضعیفوں کا ماوی یتیموں کا والی، غُلاموں کا مولیٰ
اُتَر کر حِرا سے سُوئے قوم آیا اور اِک نسخۂ کیمیا ساتھ لایا
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! هيءَ هڪ خوبصورت روايت ڪجهه مختصر وضاحت ۽ تشريح سان مون اوهان جي سامهون رکي، هن روايت ۾ اسان لاءِ گهڻا سبق موجود آهن.
سڀ کان پهريان هن نقطي تي غور فرمايو! ته هي اسلام جو بلڪل ابتدائي مرحلو آهي ۽ هن موقعي تي به اسان کي هڪ عورت پنهنجو مثالي ڪردار ادا ڪندي نظر اچي رهي آهي.