Faizan e Khadija tul Kubra

Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra

نام تیرا، ذِکْر تیرا، تُو ترا پیارا خیال                                                                        ناتوانوں، بےسہاروں کا سہارا ہو گیا ([1])

صَلُّوا عَلَی الْحَبیب!                                                                           صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

  سُبْحٰنَ اللہ! هي آهي پياري آقا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جو يتيمَن سان خيرخواهي جو انداز...!! الله پاڪ اسان کي به توفيق نصيب فرمائي! ڪاش! اسان به يتيمَن، غريبَن، بيڪَسَن جي مدد ڪرڻ وارا بڻجي وڃون.

يتيم ۽ مسڪين جي ڪفالت جون فضيلتون

(1): الله پاڪ جي پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: مسلمانن ۾ بهترين گهر اهو آهي جنهن ۾ يتيم هجي ۽ ان سان سٺو سلوڪ ڪيو وڃي ۽ مسلمانن ۾ بدترين گهر اهو آهي جنهن ۾ يتيم هجي ۽ ان سان بُرو سلوڪ ڪيو وڃي. ([2])

(2): حضورِ اڪرم، نورِ مُجَسَّم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: مسڪين ماڻهو جنت ۾ مالدارن کان 40 سال پهريان داخل ٿيندا، اي عائشه رَضِیَ اللہُ عنہا  ! مسڪين کي خالي نه موٽاءِ توڙي جو کجور جي ٽڪرو ئي ڇونه هجي، ان کي ڏئي ڇڏ. اي عائشه رَضِیَ اللهُ عَنْہا! مسڪينن سان محبت ڪر، انهن کي ويجهو رک ته جيئن الله پاڪ قيامت جي ڏينهن توکي ويجهو رکي.([3])

(3): الله پاڪ جي پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: جيڪو شخص يتيم جي مٿي تي صرف الله پاڪ جي رضا جي  لاءِ هٿ ڦيري ته جيترن وارن تي سندس هٿ ڦِريو، هر وار جي بدلي ۾ ان لاءِ نيڪيون آهن ۽ جيڪو


 

 



[1]...ذوقِ نعت،صفحہ:74 ملتقطًا۔

[2]...ابنِ ماجہ، کتاب الادب، باب حق الیتیم،صفحہ:593 ،حدیث:3679۔

[3]...ترمذی،کتاب الزہد،باب ما جاء ان فقراء المہاجرین…الخ،صفحہ:562 ،حدیث: 2352۔