Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra
شخص يتيم ڇوڪري يا يتيم ڇوڪرِيءَ تي احسان ڪري ته مان ۽ اُهو جنت ۾ (ٻه آڱريون ملائي) فرمايائون ته هن طرح هونداسين. ([1])
هن حديث پاڪ جي حوالي سان مشهور مفسرِ قرآن، مفتي احمد يارخان نعيمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: جيڪو شخص پنهنجي عزيز يا اجنبي يتيم جي مٿي تي محبت ۽ شفقت سان هٿ ڦيري ۽ اها محبت صرف الله ۽ رسول (صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم) جي رضا جي لاءِ هجي ته هر وارَ جي عيوض ان کي نيڪي ملندي. هي ثواب ته رڳو خالي هٿ ڦيرڻ جو آهي، پوءِ جيڪو ان تي مال خرچ ڪري، ان جي خدمت ڪري، ان کي تعليم ۽ تربيت ڏئي، سوچيو ته ان جو ثواب ڪيترو هوندو! ([2])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت خديجه الڪبريٰ رضی اللہ عنہا ۾ اهو وصف موجود هو ته پاڻ ٻين جي ڀلائي ۽ خيرخواهي ڪنديون هيون.
هڪ دفعي الله پاڪ جي آخري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي رضاعي والده حضرت حليمه سعديه رَضِىَ اللهُ عَنْهُا مڪي شريف ۾ پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي بارگاهه اقدس ۾ حاضر ٿيون ۽ قحط سالي ۽ مال متاع جي هلاڪت جي شڪايت ڪيائون.
ان وقت مُحَمَّدِ عربي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي حضرت خديجه رَضِىَ اللهُ عَنْهُا سان شادي ٿي چڪي هئي. پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ان سلسلي ۾ حضرت خديجه رَضِىَ اللهُ عَنْهُا سان ڳالهه ڪئي ته انهن حضرت حليمه سعديه رَضِىَ اللهُ عَنْهُا کي 40 ٻڪريون ۽ هڪ اُٺ تحفي طور پيش ڪيا .[3]