Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra
سنڌ جي شهر ٽنڊو آدم ۾ 3 ڏينهن لاءِ عاشقانِ رسول جو هڪ قافلو پهتو۔ نمازِ عصر کان پوءِ گونگا ۽ ٻوڙا اسلامي ڀائر عام اسلامي ڀائرن سان گڏجي علائقائي دوري لاءِ ويا، اهي مسجد جي ويجهو هڪ ميدان ۾ ڪرڪيٽ کيڏندڙ نوجوانن وٽ پهتا ۽ انهن کي نيڪيءَ جي دعوت پيش ڪرڻ لاءِ ويجهو اچڻ جي درخواست ڪئي. پوءِ هڪ عام اسلامي ڀاءُ چيو ته اسان سان گڏ ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ جي صلاحيت کان محروم اسلامي ڀائر به آهن، جيڪي اوهان کي اشارن جي زبان ۾ نيڪيءَ جي دعوت پيش ڪندا۔ تنهن کان پوءِ گونگي ۽ ٻوڙي اسلامي ڀاءُ اشارن جي زبان ۾ نيڪيءَ جي دعوت پيش ڪئي ۽ اتي موجود ماڻهن کي مسجد ڏانهن هلڻ جي دعوت به ڏني، عام اسلامي ڀاءُ به هن ريت ترغيب ڏني ته هي اسلامي ڀائر ڳالهائڻ ۽ ٻڌڻ جي صلاحيت کان محروم هجڻ جي باوجود به نيڪيءَ جي دعوت لاءِ نڪتا آهن، الله پاڪ اسان کي انهن نعمتن سان نوازيو آهي، جيڪڏهن اسان انهن جي دعوت تي مسجد ڏانهن هلنداسين ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! هنن جي دل خوش ٿيندي اهو ٻڌي اهي ڪرڪيٽ کيڏندڙ نوجوان ڪنڌ هيٺ ڪري مبلغ سان گڏ مسجد ڏانهن روانا ٿي ويا.
* هر ڇنڇر تي اميرِ اهلِ سنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه مدني چينل تي لائيو هفتيوار مدني مذاڪرو فرمائيندا آهن، ايندڙ ڇنڇر تي به مدني چينل تي رات (نماز تراويح) کان پوءِ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! هفتيوار مدني مذاڪرو ٿيندو، (رمضان شريف ۾ روزانو عصر جي نماز ۽ تراويح جي نمازکان بعد مسلسل مدني مذاڪرن جو سلسلو ٿيندو رهندو) جنهن ۾ اميرِ اهلِ سنت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه سوالن جا جواب به عنايت فرمائيندا. تمام ذميداران ۽ عاشقانِ رسول پاڻ به ان مدني مذاڪري ۾ شرڪت ڪن ۽ ٻين کي به ان جي دعوت ڏين. * شيخِ طريقت، اميرِ اهلِ سنت هر هفتي هڪ ديني رسالو پڙهڻ جي ترغيب ڏيندا آهن۔ ايندڙ هفتي جي مدني مذاڪري ۾ ”مٺي شين جي باري ۾ 15 سوال جواب“رسالي جو اعلان ڪيو ويندو. هي رسالو پاڻ به پڙهو، ٻين کي به ترغيب