Faizan e Khadija tul Kubra

Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra

هٿو هٿ پڦيءَ سان ٺاهه ڪري ڇڏيو

حضرت ابوهريره رَضِیَ اللهُ عَنْہُ هڪ ڀيري رسولِ عربي، مڪي مدني صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون احاديث بيان ڪري رهيا هئا، ان دوران فرمايائون: هر اهو ماڻهو، جيڪو رشتا ٽوڙڻ وارو آهي، اسان جي محفل مان اٿي وڃي. اهو ٻڌي هڪ نوجوان اُٿي پنهنجي پُڦيءَ وٽ ويو، جنهن سان ان جو ڪيترن ئي سالن کان پراڻو جھڳڙو هلندڙ هو. جڏهن ٻئي هڪ ٻئي کان راضي ٿي ويا، ته  ان نوجوان کي سندس پڦيءَ چيو تون وڃي ان جو سبب معلوم ڪر ته آخر اهو ڪيئن ٿيو؟ (يعني ابوهريره رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي اهڙي اعلان ڪرڻ جي ڇا حڪمت آهي؟) نوجوان واپس وڃي جڏهن پڇيو ته حضرت ابوهريره رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمايو: مون ٻنهي جهانن جي سردار، سرورِ ذيشان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان ٻڌو آهي ته جنهن قوم ۾ رشتا ٽوڙڻ وارو هوندو آهي، ان قوم تي الله جي رحمت نازل نه ٿيندي آهي. ([1])

   جيڪي ٿوري ٿوري ڳالهه تي پنهنجين ڀينرن، ڌيئرن، پڦين، ماسين، مامين، چاچين، ڀائٽين ۽ ڀاڻجن سان تعلق ٽوڙي ڇڏين ٿا، انهن لاءِ هن حديث پاڪ ۾ عبرت ئي عبرت آهي. هي به غور ڪيو ته پهريان جا مسلمان ڪيتري قدر خوفِ خدا رکڻ وارا هئا! خوش نصيب نوجوان الله پاڪ جي خوف سبب فوراً پنهنجي پڦي وٽ پاڻ وڃي صلح ڪري ڇڏيو. سڀني کي غور ڪرڻ گهرجي ته اسان جي، خاندان ۾ ڪنهن ڪنهن سان ناراضگي آهي؟ جيڪڏهن ڪو شرعي عذر نه هجي ته فوراً ناراض رشتيدارن سان صلح ۽ صفائي ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن جھڪڻو به پوي ته الله جي رضا خاطر جھڪي وڃو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!    سَربلندي نصيب ٿيندي.

صلهءِ رحمي جا 10 فائدا

حضرت فقيه ابواليث سمرقندي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: صلهءِ رحمي ڪرڻ جا 10 فائدا آهن: (1):  الله پاڪ جي رضا حاصل ٿيندي آهي. (2): ماڻهن جي


 

 



[1]... الزواجر، جلد:2، صفحہ:136-137۔