Faizan e Khadija tul Kubra

Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra

الله پاڪ ۽ جيترا به آسماني فرشتا آهن ان تي لعنت ڪندا رهندا ۽ جيڪڏهن اهڙو شخص  اچڻ وارو رمضان ماڻڻ کان پهريان مري ويو ته ان وٽ ڪا به اهڙي نيڪي نه هوندي جيڪا ان کي دوزخ جي باهه کان بچائي سگهي، بس توهان رمضان المبارڪ جي معاملي ۾ ڊڄو، ڇوته جهڙي طرح هن مهيني ۾ نيڪين جو ثواب ٻين مهينن جي مقابلي ۾ وڌايو ويندو آهي بلڪل اهڙي طرح گناهن جو عذاب به وڌايو ويندو آهي.([1])

الله پاڪ اسان سڀني کي رمضان المبارڪ * سٺي انداز ۾ * الله جي رضا وارا ڪم ڪندي * گهڙيءَ گهڙيءَ جو قدر ڪندي * نيڪين ۾* عبادتن ۾     * ذڪر ۽ فڪر ۾* قبر کي ياد ڪندي * مديني جون يادون دل ۾ سانڍيندي    * حسنِ اخلاق جو مظاهرو ڪندي * والدين جو ادب ڪندي * عزيزن ۽ رشتيدارن سان ڀلائي ڪندي * پاڙيسرين جا حق ادا ڪندي * غريبن جي مدد ڪندي گذارڻ ۽ فيضانِ رمضان سان پنهنجون جهوليون ڀرڻ جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن     صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم.

گناہوں کی نحوست بڑھ رہی ہے دم بدم مولیٰ!  میں توبہ پر نہیں رِہ پا رہا ثابِت قدم مولیٰ!

میں رحمت، مغفرت، دوزخ سے آزادی کا سائِل ہوں           مَہِ رمضان کے صدقے میں فرما دے کرم مولیٰ! ([2])

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

حضرت خديجة الڪبريٰ رَضِیَ اللهُ عَنْہا جو مختصر تعارف

پيارا اسلامي ڀائرو! رمضان شريف جي 10 تاريخ تي مسلمانن جي پياري امي جان، حَسَنَينِ ڪَرِيمَيْن ۽ سمورن ساداتِ ڪرام جي ناني جان حضرت خديجة الڪبريٰ           رَضِیَ اللہُ عَنْهَا  جو ڏينهن ملهايو ويندو آهي. پاڻ اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفى     صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي پهرين زوجہ محترمه آهن.


 

 



[1]...معجم صغیر، جلد:9، صفحہ:60، حدیث:1488۔

[2]...وسائلِ بخشش، صفحہ:98۔