Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra
حديثِ پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیّات عملن جو دارو مدار نيتن تي آهي۔ ([1])
اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي اچو ته بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجهه سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا. نيت ڪيو ته ! * الله جي رضا جي لاءِ بيان ٻڌندس *با اَدَب ويهندس* خوب توجهه سان بيان ٻڌندس * جيڪو ٻڌندس ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
پيارا سلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُلِلّٰہِ! رمضان شريف جون برڪت ڀريون، نوراني ۽ پُر بهار گهڙيون آهن، رحمتن جي وسڪاري جو سلسلو جاري آهي، هر لمحو بابرڪت آهي. خوشنصيب آهن اهي ماڻهو * جيڪي ظاهري ۽ باطني آداب سان روزا رکي * خوش دليءَ سان 20 رڪعتون تراويح پڙهي * سحري ۽ افطاري جون برڪتون سَميٽي رمضان شريف جون بهارون ماڻي رهيا آهن ۽ نهايت ئي محروم ۽ بدنصيب آهن اهي ماڻهو * جيڪي انهن مبارڪ گهڙين ۾ به نيڪين کان محروم آهن * روزا نه ٿا رکن * تراويحون نه ٿا پڙهن يا جيڪڏهن پڙهن ٿا ته پوريون نه ٿا پڙهن * بخشش، مغفرت ۽ رحمت جي هن عظيم مهيني ۾ به الله پاڪ ۽ رسولِ ڪريم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي رضا وارن ڪمن کان پري آهن.
الله پاڪ جي آخري نبي، مڪي مدني صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: منهنجي اُمت ڪڏهن به ذليل ۽ رسوا نه ٿيندي جيستائين هو رمضان المبارڪ جو حق ادا ڪندي رهندي. عرض ڪيو ويو: يارسول الله صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم! رمضان جو حق ضايع ڪرڻ ڇا آهي؟ فرمايائون: انهن جو هن مهيني ۾ حرام ڪم ڪرڻ. پوءِ فرمايائون: جنهن هن مهيني ۾ زنا ڪئي يا شراب پيتو ته ايندڙ رمضان تائين