Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra
حديث شريف ۾ آهي ته الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: ھٰذِہٖ صِدِّیْقَۃُ اُمَّتِیْ يعني هيءَ منهنجي امت جي صِدِّيقه آهي. ([1])
اسان جي آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جون ڪُل 7 اولاد آهن، 4 شهزاديون (حضرت زينب، حضرت رقيّه، حضرت اُم ڪلثوم، خاتونِ جنت حضرت فاطمة الزهرا رَضِیَ اللہُ عَنْهُنَّ) ۽ 3 شهزادا (حضرت قاسم، حضرت عبدالله ۽ حضرت ابراهيمرَضِیَ اللہُ عَنْهُمْ ) انهن مان حضرت ابراهيم رَضِیَ اللہُ عَنْهُ ماريہ قبطيه رَضِیَ اللہُ عَنْهَا جا شهزادا آهن، باقي سمورو اولاد حضرت خديجة الڪبريٰ رَضِیَ اللہُ عَنْهَا مان آهي.
نبوت جي ڏهين سال، رمضان شريف جي 10 تاريخ تي حضرت خديجة الڪبريٰ رَضِیَ اللہُ عَنْهَا جو وصال ٿيو، ان وقت سندن عمر مبارڪ 65 سال هئي.([2]) انهن جي مزار مبارڪ مڪي مڪرمه جي مشهور قبرستان جنّت المعلى ۾ آهي. [3]
وہ اُمُّ الْمُسْلِمِیں جو مادرِ گیتی کی عزت ہے وہ اُمُّ الْمُسْلِمِیں قدموں کے نیچے جس کے جنت ہے
خدیجہ طاہرہ یعنی نبی کی باوفا بی بی شریکِ راحت و اندوہ پابندِ رضا بی بی
دیارِ جاودانی کی طرف راہی ہوئیں وہ بھی گئیں دنیا سے آخر سوئے فردوسِ بریں وہ بھی ([4])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
حضرت عبدالله بن عباس رَضِیَ اللہُ عَنْهُمَا فرمائن ٿا: هڪ ڀيري اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم زمين تي چار ليڪا پاتا ۽ فرمايائون: ڇا توهان