Faizan e Khadija tul Kubra

Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra

وضاحت: اعلى حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه الله پاڪ جي پياري حبيب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي پاڪيزه ازواج تي درود و سلام پيش ڪندي عرض ڪن ٿا: بالخصوص مؤمنن جي پهرين پياري امّي جان، حضرت خديجة الڪبريٰ رَضِیَ اللہُ عنہا   جيڪي امن ۽ امان جو مڪان آهن، جن پياري آقا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جو ساٿ ڏيڻ جو حق ادا ڪري ڇڏيو، انهن تي لکين سلام هجن.

(3) اَنيـس غـمِ مصطـفـى صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم

پيارا اسلامي ڀائرو! اهڙي نازڪ صورتحال ۾ الله پاڪ پياري آقا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي پريشاني دور ڪرڻ، اوهان کي دلاسو ڏيڻ ۽ اوهان جي غم کي ختم ڪرڻ لاءِ حضرت خديجة الڪبريٰ رَضِیَ اللہُ عنہا   جو انتخاب فرمايو. نه صرف اهو پر نبي پاڪ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي زندگي ۾ جڏهن به ڪو غم ايندو هو ته حضرت خديجه رَضِیَ اللہُ عنہا   ئي  کين دلاسو ڏينديون هيون. جيئن ته حضرت علامه محمد بن اسحاق مدني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: سيدِ عالم، نورِ مجسم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جڏهن به ڪافرن جي طرفان ڪا ناپسنديده ڳالهه ٻڌي غمگين ٿي ويندا هئا ته ان کانپوءِ  حضرت خديجه رَضِیَ اللہُ عنہا   وٽ تشريف آڻيندا هئا ته الله پاڪ اوهان جي رنج ۽ غم جي ڪيفيت حضرت خديجه رَضِیَ اللہُ عنہا   جي ذريعي دور فرمائيندو هو.[1]

وہ اَنیسِ غم مُوْنِسِ بے کساں                                                                                                               وہ سُکُونِ دلِ مالکِ اِنس و جاں

وہ شریکِ حَیَاتِ شہِ لامکاں                                                                                                                      سِیَّما پہلی ماں کہفِ امن و اماں

حق گزارِ رفاقت پہ لاکھوں سلام([2])

وضاحت: بـي ڪسن جي آقا، ٻنهي جهانن جي مالڪ  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  جي غم جي رفيق، سندن دل جو سڪون، سندن شريڪِ حيات، اهلِ ايمان جي پهرين ماءُ،


 

 



[1]... السيرة النبویۃ لابن اسحاق، تحدید لیلۃ القدر،جلد:1،صفحہ:176۔

[2]... بہارِ عقیدت،صفحہ:11۔