Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: علائقائي دورو
پيارا اسلامي ڀائرو! نيڪ نمازي بڻجڻ، سنتن تي عمل جو جذبو حاصل ڪرڻ ۽ نيڪين سان ڀرپور زندگي گذارڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو، 12 ديني ڪمن ۾ عملي طور شرڪت ڪريو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دين ۽ دنيا جون ڀلايون نصيب ٿينديون۔ 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم علائقائي دورو به آهي۔
حديث پاڪ جو خلاصو آهي: جيڪو قدم الله جي راهه ۾ مٽيءَ هاڻو ٿي وڃي، ان کي جهنم جي باهه نه ڇهندي([1]) * نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ، برائيءَ کان منع ڪرڻ لاءِ گهر کان نڪرڻ به الله جي راهه ۾ نڪرڻ آهي * اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ لاءِ بازارن ۾ تشريف وٺي ويندا هئا * مختلف قبيلن ۾ وڃي به نيڪيءَ جي دعوت ڏيندا هئا۔
* دعوتِ اسلامي وارا عاشقانِ رسول به ان پياري ادا کي ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن * گهر گهر، دڪان دڪان وڃي نيڪيءَ جي دعوت پيش ڪئي ويندي آهي * ماڻهن کي مسجد ۾ اچڻ جي دعوت ڏني ويندي آهي* نماز پڙهڻ جي ترغيب ڏني ويندي آهي * اسان ان کي علائقائي دورو چوندا آهيون. توهان به عاشقانِ رسول سان گڏجي علائقائي دورو ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! * سنتِ انبياء تي عمل ڪرڻ جي سعادت ملندي * نيڪيءَ جي دعوت عام ڪرڻ جو ثواب ملندو * حديث پاڪ موجب نيڪيءَ جو رستو ڏيکارڻ وارو، نيڪي ڪرڻ واري مثل آهي([2]) * جيڪڏهن اسان جي نيڪيءَ جي دعوت سان هڪ شخص به نيڪ نمازي بڻجي ويو ته يقين ڪيو! ڀاڳ کلي پوندا. اچو، ترغيب لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا.