Faizan e Khadija tul Kubra

Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra

اهلِ ايمان جي بهترين پناهه گاهه ۽ مصطفيٰ جانِ رحمت، شمعِ بزمِ هدايت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم سان ساٿ نڀائڻ جو حق ادا ڪندڙ شخصيت حضرت خديجة الڪبريٰ رَضِیَ اللہُ عنہا تي لکين سلام هجن.

(4)  پياري آقا جا پيارا اخلاق

پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت خديجه رَضِیَ اللہُ عنہا  هن موقعي تي پياري آقا             صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي 5 پيارن پيارن اخلاقن جو ذڪر ڪيو. سُبْحٰنَ اللہ! ڪيڏا نه حسين ۽ عظيم اخلاق آهن. (1) پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  صلهءِ رحمي فرمائڻ وارا آهن (2) پاڻ ڪمزورن جو بارُ کڻڻ وارا آهن (3) پاڻ محتاجن لاءِ ڪمائڻ وار آهن (4) پاڻ مهمان نوازي فرمائڻ وارا آهن (5) ۽ راههِ حق ۾ مشڪلاتون برداشت ڪرڻ وارا آهن.

پياري آقا صَلَّی اللہُ عَلیہ وَآلہٖ و َسَلَّم يتيم جي مدد فرمائي

Top of Form

Bottom of Form

روايتن ۾ آهي: مڪي شريف ۾ هڪ يتيم ٻار هو، ھِن اُمت جي فرعون يعني مڪي شريف جي تمام وڏي غير مسلم، ابوجهل ان يتيم جي پرورش جي ذميواري پنهنجي سِرَ تي کنئي ۽ اهو سڄو مال، جيڪو ان ٻار کي وراثت ۾ مليو هو، پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو.

هاڻي ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته ابو جهل ان يتيم ٻار جي چڱي نموني سارَ سنڀال ڪري ها، پر هي بدبخت جيئن ته غير مسلم هو، هن جي دل ۾ حرص ۽ حوس ڀريل هئي، تنهنڪري ان يتيم جي پرورش ڪرڻ بدران، اُبتو سندس مال تي قبضو ڪري ورتو. هڪ ڏينهن اهو يتيم ٻار ابوجهل وٽ آيو ۽ پنهنجو مال ان کان گهرڻ لڳو، جنهن تي بدبخت ابوجهل ان ويچاري يتيم کي ڌڪا ڏئي ڪڍي ڇڏيو.

اهو ڏسي قريش جي ٻين سردارن ان يتيم کي چيو: تون محمد   (مصطفى صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم) وٽ وڃ! اُهي تنهنجي مدد ڪندا. قريش جي سردارن ته اها ڳالهه مذاق طور چئي هئي، انهن جو مقصد هو ته هي يتيم ٻار محمد  (صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم) کان مدد گهرندو ۽ هو مدد ڪري نه سگهندا. پر انهن کي ڪهڙي