Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra
هيءَ ڳالهه به هر مسلمان کي ياد رکڻ گهرجي ته اسان جي پياري آقا، مڪّي مدني مصطفى صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي ازواجِ مطهره آهن کي اُمَّہَاتُ الْمُؤْمِنِينَ يعني مسلمانن جون مائرون چيو ويندو آهي. الله پاڪ، سيپاري: 21، سورة الاحزاب، جي آيت: 6 ۾ فرمائي ٿو:
اَلنَّبِیُّ اَوْلٰى بِالْمُؤْمِنِیْنَ مِنْ اَنْفُسِهِمْ وَ اَزْوَاجُهٗۤ اُمَّهٰتُهُمْؕ-
ترجموڪنزالعرفان: هي نبي مسلمانن جو، انهن جي جانين کان وڌيڪ مالڪ آهي ۽ سندس گهرواريون انهن جون مائرون آهن.
معلوم ٿيو ته اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم اسان جي جانين جا اسان کان به وڌيڪ مالڪ آهن ۽ پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جون پاڪ بيبيون اسان سڀني ايمان وارن جون مائرون آهن.
اہلِ اِسلام کی مادرانِ شفیق بانُوانِ طہارت پہ لاکھوں سلام ([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ جي آخري نبي، مڪي مدني صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي عمر مبارڪ 25 سال هئي، جڏهن پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم حضرت خديجة الڪبريٰ رَضِیَ اللہُ عَنْهَا کي پنهنجي زوجيت ۾ قبول فرمايو.
سندن ڪنيت اُمِّ قاسِم آهي ۽ سڀ کان مشهور لقب اَلْڪُبْرٰي آهي. پاڻ تمام پاڪباز، بهادر، بلند حوصله، باعزت، اعلى نسب رکندڙ ۽ نهايت عقل مند خاتون هيون، انهن جي اعلى اوصاف ۽ ڪمالات جي ڇا ڳالهه ڪجي. ..!! جو زمانهءِ جاهيليت ۾ ئي کين طَاهِرَہ (يعني پاڪ) ۽ سَیِّدَۃُ قُرَيْش (يعني قريش جي سردار) جي لقب سان سڏيو ويندو هو. حضرت خديجة الڪبريٰ رَضِیَ اللہُ عَنْهَا جو هڪ پيارو لقب صِدِّيقه به آهي. [2]