Book Name:Mola Ali Ki Shan Aur Quran
صحابيءِ رسول حضرت عبدالله بن عباس رَضِیَ اللہُ عَنْہُ فرمائن ٿا: هيءَ آيتِ ڪريمه حضرت علي المرتضى شيرِ خدا رَضِیَ اللہُ عَنْہُ جي شان ۾ نازل ٿي.[1]
ڪڏهن نازل ٿي هئي؟ ٻڌو! اها هجرت جي رات هئي، جڏهن مڪي جي غير مسلمن پاڻ ۾ مشورو ڪيو ۽ مڪي جي سڀني قبيلن مان هڪ هڪ شخص چونڊيو ويو، انهن سڀني کي تلوارون ڏئي ڪري پياري محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ گهر ٻاهران بيهاريو ويو، انهن جو منصوبو اهو هو ته جيئن ئي حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم بستري تي ليٽندا ته اسان سڀ گڏجي معاذَ اللہ! حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي حملو ڪنداسين.
هيڏانهن غير مسلم اهو منصوبو جوڙي رهيا هئا هوڏانهن الله پاڪ ان ئي رات پنهنجي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي هجرت جو حڪم ڏئي ڇڏيو. هاڻي هجرت ته ڪرڻي هئي، مڪو پاڪ ڇڏي مديني پاڪ ڏانهن سفر ڪرڻو هو. ان وقت پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي جيڪو فڪر هو، اهو هي هو ته اهلِ مڪه جيتوڻيڪ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي ايمان نه آڻي رهيا هئا، بلڪه شهيد ڪرڻ تي آماده هئا پر پوءِ به امانتون حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم وٽ ئي رکرائيندا هئا، تنهنڪري حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي فڪر هو ته مان ته هجرت ڪري مديني پاڪ وڃي رهيو آهيان هاڻي هي امانتون مالڪن تائين ڪيئن پهچايون وينديون؟ ان جي لاءِ حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مولا علي رَضِیَ اللہُ عَنْہُ جو انتخاب فرمايو سموريون امانتون مولا علي رَضِیَ اللہُ عَنْہُ جي حوالي ڪيون ۽ فرمايو: اي علي! منهنجي بستري تي ليٽي پئه ...!! الله پاڪ چاهيو ته توکي ڪو به نقصان نه پهچندو صبح جو سڀني جون امانتون انهن جي حوالي ڪري پوءِ مديني هليو اچجان.
هاڻي ماحول ڏسو ڪهڙو آهي ...!! غير مسلم اُگهاڙيون تلوارون کڻي ٻاهران بيٺل آهن، جان جو پورو خطرو موجود آهي، ان جي باوجود به مولا علي رَضِیَ اللہُ عَنْہُ جو عشقِ رسول ۽ جذبهءِ جان نثاري ڏسو جو پاڻ پياري محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم