Mola Ali Ki Shan Aur Quran

Book Name:Mola Ali Ki Shan Aur Quran

اي عاشقانِ رسول! سٺي نيت جنَّت ۾ داخِل ڪرائيندي آهي۔ اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا! مان نيتون ڪرايان ٿو، اوهان دل ۾ ارادو ڏسو ته اِنْ شَــآءَالـلّٰـہُ الْکَریم! چئي ڪري ان جو اظهار ڪيو: * عِلۡم دين سکڻ جي لاءِ سڄو بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس * بيان جا اهم نڪتا لکندس * جيڪو ٻُڌندس، گهر وارن کي، ٻارن کي، دوستن احبابن کي ٻڌائي ڪري علمِ دين جو ثواب ڪمائيندس.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

 سڄي رات قرآن جو درس جاري رهيو

روايت آهي: مسلمانن جي چوٿين خليفي حضرت علي المرتضى شيرِ خدا رَضِیَ اللهُ عَنْہُ   جي خلافت جو دور هو، هڪ دفعي عشاء جي نماز ٿي. مولى علي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ   حضرت عبدالله بن عباس رَضِیَ اللهُ عَنْہُ   کي فرمايو: مون سان اڪيلائي ۾ ملجو.

حضرت عبد الله بن عباس رَضِیَ اللهُ عَنْہُ   پاڻ به صحابيءِ رسول آهن ۽ انهن کي    سُلطان ُ الْمُفَسِّرِین جو خطاب ڏنو ويو آهي. هي اها شخصيت آهن، جن کي پياري آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم دعا ڪئي هئي: اَللّٰہُمَّ عَلِّمْہُ  الْکِتَابَ، يعني اي الله پاڪ! عبدالله کي قرآن جو علم عطا فرماءِ. [1]هيءَ دعاءِ مصطفى قبول ٿي، پاڻ قرآني علمن ۾ اهڙا ته ماهر ٿي ويا جو فرمائيندا هئا:  جيڪڏهن منهنجي اُٺ جي مُهارَ  به گم ٿي وڃي ته مان قرآنِ ڪريم ذريعي ان کي ڳولهي لهندس.

يعني انهن کي قرآنيات تي ايڏي وڏي مهارت حاصل هئي. خير! حضرت مولى علي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ  انهن کي فرمايو:  مون سان اڪيلائي ۾ ملجو.  حضرت عبد الله بن عباس رَضِیَ اللهُ عَنْہُ   نماز کان فارغ ٿي حضرت مولى علي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ   جي خدمت ۾ حاضر ٿيا. مولى علي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ  انهن کي فرمايو:  عبد الله! الله پاڪ فرمايو آهي:


 

 



[1]... بخاری، کتاب العلم، باب قول النبی اَللّٰہُمَّ عَلِّمْہُ  الْکِتَابَ، صفحہ:93، حدیث:75۔