Mola Ali Ki Shan Aur Quran

Book Name:Mola Ali Ki Shan Aur Quran

                                      الله پاڪ اسان کي هدايت ڏي، ڪاش! اسان قرآن ڪريم کي پنهنجو رهنما بڻائڻ، انهيءَ پاڪ ڪلام کي پڙهڻ، سکڻ ۽ سمجهڻ وارا بڻجي وڃون.

قرآن ڪريم کي ڪيئن سمجهون ...!!

اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! عاشقانِ رسول جي ديني تنظيم دعوتِ اسلامي اڄ جي دور ۾ سڄي دنيا ۾ قرآن جو فيضان عام ڪرڻ ۾ مصروف آهي، تفسير صِراطُ الجنان مڪتبةُ المدينه تان ملي سگهي ٿو، 10 جلدن تي مشتمل قرآن ڪريم جي جديد ۽ تمام آسان اردو ۾ لکيل تفسير آهي. هي تفسير حاصل ڪيو! ان جي ايپلي ڪيشن به موجود آهي، پنهنجي موبائل ۾ اها ايپلي ڪيشن انسٽال ڪيو! پاڻ به فائدو حاصل ڪيو! ٻين کي به ترغيب ڏيو۔ * هاڻي ته اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! تفسير     تعليمُ القرآن به اچي چڪي آهي، جيڪا 2 جلدن تي مشتمل آسان ۽ مختصر تفسير آهي، ان کي پڙهو! * ترجموڪنزُالايمان * ترجموڪنزُالعرفان پڙهو!   * نُورُالعرفان پڙهو! * خزائنُ العرفان پڙهو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دل ۾ قرآن جو نور داخل ٿيندو، فيضانِ قرآن نصيب ٿيندو ۽ الله پاڪ جي ڪرم سان دنيا ۽ آخرت سنورجي ويندي۔ الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي.

 اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم 

موليٰ علي رَضِیَ اللہُ عنہ جو  مختصر تعارف

پيارا اسلامي ڀائرو! * حضرت مولا علي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ   مسلمانن جا چوٿان خليفا آهن * پاڻ مڪي مڪرمه ۾ پيدا ٿيا * 10 سالن جي عمر مبارڪ ۾ اسلام قبول ڪيائون. ([1]) * سندن والده انهن جون نالو حيدر ۽ والد سندن نالو علي رکيو 


 

 



[1]... کراماتِ شیر خدا ، صفحہ : 12 ملخصاً ۔