Mola Ali Ki Shan Aur Quran

Book Name:Mola Ali Ki Shan Aur Quran

قرآن پاڪ جي تلاوت ڪري الله پاڪ کي راضي ڪرڻ لاءِ اسان تيار نه ٿيندا آهيون آه! افسوس! نفسِ امّاره اسان کي ڌوڪي ۾ وجهي ڇڏيو آهي، رڳو ڏينهن رات بس کائڻ، ڪمائڻ، مشهوري ماڻڻ، نالو ۽ شهرت حاصل ڪرڻ، گهڻي کان گهڻو مال گڏ ڪرڻ جي ڌُنَ ۾ زندگي گذاري رهيا  آهيون. جيڪڏهن اسان ڪجهه نه ٿا ڪري سگهون، وقت نه ٿا ڪڍي سگهون، ته انهن ڪمن لاءِ نه ٿا ڪڍي سگهون جن ڪمن ڪرڻ سان الله پاڪ جي رضا حاصل ٿيندي آهي. ڪاش! اسان جي حال تي ڪرم ٿي وڃي، ڪاش! فيضانِ مولا علي رَضِیَ اللہُ عَنْہُ نصيب ٿي وڃي ۽ اسان الله پاڪ جي رضا جا طلبگار بڻجي وڃون.Top of Form

 

ايمان ڪامل ڪڏهن ٿيندو  آهي ...؟

پيارا اسلامي  ڀائرو! هي ڳالهه ذهن نشين ڪري ڇڏيو ته اسان مسلمان آهيون ۽ مسلمان جي زندگي جو مقصد دنيا جي رنگينين ۾ گم ٿي وڃڻ نه پر سموري زندگي الله پاڪ جي رضا جي طلب ۾ گذارڻ آهي. اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ عاليشان آهي: مَنْ اَحَبَّ لِلَّهِ، وَاَبْغَضَ لِلَّهِ وَاَعْطىٰ لِلَّهِ ‌وَمَنَعَ ‌لِلَّهِ ‌فَقَدِ ‌اسْتَكْمَلَ ‌الْاِيمَانَ يعني جيڪو الله پاڪ جي رضا جي لاءِ محبت ڪري، الله پاڪ جي رضا جي لاءِ ئي نفرت ڪري، الله پاڪ جي رضا ئي جي لاءِ ڏي ۽ الله پاڪ جي رضا ئي جي لاءِ رڪجي وڃي ته ان جو ايمان ڪامل ٿي ويو. [1]

        مطلب ته ٻانهي کي دنيا ۾ جيڪو به ڪرڻو آهي اهو الله پاڪ جي رضا جي لاءِ ڪري. جيڪڏهن ڪنهن سان دوستي ڪرڻي آهي ته پنهنجي لاءِ نه پر صرف الله پاڪ جي رضا جي خاطر ڪري. پنهنجي اولاد سان، ماءُ پيءُ سان محبت ڪرڻي آهي ته رڳو فطري لڳاءَ سبب نه ڪري بلڪ الله پاڪ جي رضا جي نيت سان ڪري. نفرت به ڪرڻي آهي ته پنهنجي نفساني خواهشن جي بنياد تي ڪنهن سان لڙائي نه ڪري، پنهنجي عزتِ نفس ۽ اَنا جي ڪري ڪنهن سان دشمني نه رکڻي آهي، پر جيڪڏهن نفرت ڪرڻي به آهي ته صرف الله پاڪ جي


 

 



[1]... ابو داود، کتاب السنہ، باب الدلیل علی زیادۃ الایمان ونقصانہ، صفحہ:737، حدیث:4681۔