Mola Ali Ki Shan Aur Quran

Book Name:Mola Ali Ki Shan Aur Quran

عظيم ڪتاب آهي جنهن ۾ اڳين ۽ پوين جا عِلمَ گڏ ڪيا ويا آهن.

هاڻي اسان ٿورو پنهنجي حال تي نظر وجهون ته اسان هن جامِعُ الْعُلُوم (يعني سڀني علمن جو مجموعو) ڪتاب قرآن ڪريم کي ڪيترو سکي رهيا آهيون؟ هي هڪ چوٽ ڪرڻ وارو سوال آهي، واقعي هيءَ هڪ تشويشناڪ صورتحال آهي ته اڄ مسلمان سڄي دنيا جا علم سکڻ لاءِ تيار هوندا آهن، لکين روپيا خرچ ڪري ٻاهرين ملڪن ۾ وڃي، غير مسلمن جا لکيل ڪتاب پڙهي رهيا هوندا آهن، ڊائجسٽ، ڪهاڻيون، ناول ۽ نه ڄاڻ ڪهڙيون ڪهڙيون شيون پڙهي رهيا هوندا آهن، جيڪڏهن نه ٿا پڙهن ته قرآن ڪريم نه ٿا پڙهن، جيڪڏهن نه ٿا سکن ته قرآن ڪريم نه ٿا سکن...!! جڏهن ته قرآن ڪريم الله پاڪ جو ڪلام آهي، اڳين ۽ پوين جو ڪو به علم اهڙو ناهي جيڪو قرآن ڪريم ۾ موجود نه هجي. ڪاش! اسان هن حقيقت کي سمجهون ۽ قرآن ڪريم سکڻ، سمجهڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ وارا بڻجي وڃون. Top of Form

 

Bottom of Form

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

قرآن کي رهنما بڻائي ڇڏيو ...!!

صحابيءِ رسول حضرت عبدالله بن مسعود رَضِیَ اللهُ عَنْہُ  فرمائن ٿا: اِنَّ الْقُرْآنُ شَافِعٌ وَّمُشَفَّعٌ قرآن ڪريم شفاعت ڪندڙ آهي ۽ ان جي شفاعت قبول ڪئي ويندي۔ فَمَنْ جَعَلَہٗ اِمَامَہٗ قَادَہٗ اِلَی الْجَنَّۃِ جيڪو قرآن ڪريم کي پنهنجو امام ۽ پيشوا بڻائيندو, قرآن ڪريم ان کي جنت ۾ وٺي ويندو. وَ مَنْ جَعَلَہٗ خَلْفَہٗ سَاقَہٗ اِلَی النَّار ۽ جيڪو قرآنِ مجيد کي پُٺِي ڏيندو (يعني ان جي حڪمن تي عمل نه ڪندو) قرآنِ مجيد ان کي دوزخ ۾ اڇلائي ڇڏيندو. [1]

درسِ قرآن جو ہم نے نہ بھلایا ہوتا                                                         یہ زمانہ نہ زمانے نے دکھایا ہوتا


 

 



[1]... مصنف عبد الرزاق، باب  تعلیم القران، جلد:3، صفحہ:229، حدیث:6030