Book Name:Mola Ali Ki Shan Aur Quran
موليٰ علي رَضِیَ اللہُ عنہ جي شان ۾ قرآني آيتون
پيارا اسلامي ڀائرو! مسلمانن جي چوٿين خليفي، حضرت مولا علي المرتضيٰ، شيرِ خدا رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي شان ۾ ڪيتريون ئي قرآني آيتون نازل ٿيون، اچو! انهن مان ڪجهه آيتون ۽ انهن جون وضاحتون ٻڌون:
سيپارو 17، سورة حج، آيت نمبر 23 ۽ 24 ۾ ارشاد ٿئي ٿو:
اِنَّ اللّٰهَ یُدْخِلُ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ جَنّٰتٍ تَجْرِیْ مِنْ تَحْتِهَا الْاَنْهٰرُ یُحَلَّوْنَ فِیْهَا مِنْ اَسَاوِرَ مِنْ ذَهَبٍ وَّ لُؤْلُؤًاؕ-وَ لِبَاسُهُمْ فِیْهَا حَرِیْرٌ(۲۳) وَ هُدُوْۤا اِلَى الطَّیِّبِ مِنَ الْقَوْلِۚۖ-وَ هُدُوْۤا اِلٰى صِرَاطِ الْحَمِیْدِ(۲۴)
(پارہ:17، سورۂ حج:23-24)
ترجمو ڪنزالعرفان: بيشڪ الله ايمان وارن کي ۽ نيڪ عمل ڪرڻ وارن کي انهن باغن ۾ داخل فرمائيندو جن جي هيٺان نهرون جاري آهن. انهن کي انهن باغن ۾ سون جا ڪنگڻ ۽ موتي پارايا ويندا ۽ جنتُن ۾ انهن جو لباس ريشم جو هوندو ۽ انهن کي پاڪ ڳالهه جي هدايت ڪئي وئي ۽ انهن کي سمورين خوبين جي لائق (الله) جي راهه ڏيکاري وئي.
هي 2 آيتون ٽن صحابهءِ ڪرام * مولا علي * حضرت حمزه ۽ * حضرت عبيده (رَضِیَ اللهُ عَنْہم) جي حق ۾ نازل ٿيون.[1] هن جڳهه تي انهن ٽنهي صحابه ڪرام عَلَیْہِمُ الرِّضْوان لاءِ چار انعام بيان ڪيا ويا آهن: (1) انهن کي جنتي باغ عطا ڪيا ويندا. (2) جنت ۾ انهن کي سون جا ڪنگڻ (Golden Bracelets) ۽ موتي (Pearls) پارايا ويندا. (3) انهن جو لباس مبارڪ ريشم (Silk) جو هوندو.