Book Name:Mola Ali Ki Shan Aur Quran
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! غور ڪيو! ڪيترو خوش نصيب آهي اهو شخص، جيڪو رات جو اُٿندو آهي، پنهنجي ننڊ قربان ڪندو آهي، چڱيءَ طرح وضو ڪري، الله پاڪ جي حضور بيهندو آهي. هي اهو سعادت مند آهي جنهن کي ڏسي الله پاڪ مسڪرائيندو آهي. ڪاش! اسان به اهڙا نيڪ عمل ڪرڻ وارا بڻجي وڃون.
الله پاڪ اسان کي مولى علي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جو فيضان نصيب فرمائي.
اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
پيارا اسلامي ڀائرو! توهان جي پنهنجي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي، هن وقت 80 کان وڌيڪ شعبن ۾ دين جي خدمت ڪرڻ ۾ مشغول آهي. اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! * هزارين مدرسا ۽ جامعات قائم ڪيا ويا آهن جن ۾ لکين طلبا و طالبات ديني تعليم حاصل ڪري رهيا آهن * المدينة العلميه (اسلامڪ ريسرچ سينٽر) جي ذريعي امت کي اسلامي لٽريچر (مواد) مهيا ڪيو پيو وڃي * سوشل ميڊيا جي ذريعي ڪروڙين انسانن کي اسلامي معلومات مهيا ڪئي پئي وڃي * مدني چينل اردو، انگريزي، بنگالي، ڪڊز مدني چينل، بزرگن جو مدني چينل ۽ عربي ويب چينل ذريعي دينِ اسلام * ۽ سموري دنيا ۾ مسلمانن جي خيرخواهي جي لاءِ قائم ڪيل شعبي (FGRF) جي ذريعي ڏکايل مسلمانن جي خدمت ڪرڻ جو سلسلو به جاري آهي.
توهان به خدمتِ دين جي هن نيڪ ڪم ۾ پنهنجو حصو شامل ڪيو! پنهنجا عطيات دعوتِ اسلامي کي ڏيو، توهان جا عطيات يعني چندو ڪنهن به نيڪ، جائز، ديني، اصلاحي، فلاحي، روحاني، خير خواهي، ڀلائي ۽ آمدني وڌائڻ جي جائز ۽ محفوظ ڪمن ۾ لڳائي سگهجي ٿو ته جيئن وڌندڙ خرچن جو پورائو ڪري سگهجي.