Book Name:Mola Ali Ki Shan Aur Quran
جنت موليٰ علي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي تمنائي آهي
حضرت انس بن مالِڪ رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کان روايت آهي ته رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جنت ٽن ماڻهن جي مشتاق آهي: (1) علي (2) عمار (3) ۽ سلمان فارسي رَضِیَ اللهُ عَنْہم . ([1])
حضرت علي المرتضيٰ شيرِ خدا رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمائن ٿا: مان رسولِ رحمت، مالڪِ جنت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان گڏ مديني جي ڪنهن رستي تان گذري رهيو هيس، اسان هڪ باغ (Garden) جي ڀرسان گذرياسين، مون عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! هي ڪيڏو نه خوبصورت باغ آهي ....!! فرمايائون لَكَ فِي الْجَنَّةِ اَحْسَنُ مِنْهَا (يعني اي علي!) توکي جنت ۾ ان کان به وڌيڪ خوبصورت باغ ڏنو ويندو. پوءِ اسان هلندا هلندا هڪ ٻئي باغ جي ويجهو پهتاسين، مون عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! هي به ڪيڏو نه خوبصورت آهي، فرمايائون: لَكَ فِي الْجَنَّةِ اَحْسَنُ مِنْهَا (يعني اي علي!) توکي جنت ۾ ان کان به وڌيڪ خوبصورت باغ ڏنو ويندو. اهڙي طرح هلندي هلندي اسان ستن باغن وٽان لنگهياسين پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هر ڀيري ايئن ئي فرمائيندا رهيا: لَكَ فِي الْجَنَّةِ اَحْسَنُ مِنْهَا (يعني اي علي!) توکي جنت ۾ ان کان به وڌيڪ خوبصورت باغ ڏنو ويندو.([2])
میں گُنَاہوں کا مریض اور آپ ہیں میرے طبیب دیجئے! مجھ کو شِفا مولیٰ علی مشکل کُشا!
مغفرت کروائیے! جنّت میں لے کے جائیے! واسِطہ حسنین کا مولیٰ علی مشکل کُشا!
اشکبار آنکھیں عطا ہوں ، دِل کی سختی دُور ہو دیجئے خوفِ خُدا مولیٰ علی مشکل کُشا!