Mola Ali Ki Shan Aur Quran

Book Name:Mola Ali Ki Shan Aur Quran

* عادتون بهتر ٿينديون * نيڪين تي استقامت ملندي * گناهن کان نفرت پيدا ٿيندي * دل روشن ٿيندي * محبتِ الٰهي نصيب ٿيندي * عشقِ رسول ۾ اضافو ٿيندو * روحانيت نصيب ٿيندي ۽ * آخرت جو فڪر نصيب ٿيندو. اچو ته ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا:

روزانو جائزو وٺڻ جو انعام

هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي ته اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! مون کي نيڪ اعمال سان محبت آهي ۽ ان جي ذريعي روزانو پنهنجو جائزو وٺڻ منهنجو معمول آهي. هڪ دفعي مان دعوتِ اسلامي جي قافلي ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ صوبي بلوچستان (پاڪستان) جي سفر تي هيس ان دوران مون گنهگار تي ڪرم ٿي ويو، ٿيو ايئن جو  رات جو جڏهن مان سُتس ته منهنجي قسمت جاڳي پئي، پيارا آقا      صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم خواب ۾ تشريف فرما ٿيا، مان اڃان جلوَن ۾ گم ئي هُيس ته نبي پاڪ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو جيڪي قافلي ۾ روزانو نيڪ اعمال رسالي جي ذريعي پنهنجو جائزو وٺندا آهن مان انهن کي پاڻ سان گڏ جنت ۾ وٺي ويندس.

 

شکریہ کیوں کر ادا ہو آپ کا یا مصطفیٰ                                                           کہ پڑوسی خُلد میں اپنا بنایا شکریہ

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

تجهيز و تڪفين ايپلي ڪيشن

        اي عاشقانِ رسول! اڄ ٽيڪنالاجي جو دور آهي اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي سمارٽ فون جي ذريعي به عِلمِ دين عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ان سلسلي ۾ دعوتِ اسلامي جي I.T ڊيپارٽمنٽ جي طرفان مختلف موبائل ايپلي ڪيشنز متعارف ڪرايون ويون آهن، جن مان هڪ ايپلي ڪيشن آهي: Muslim's Funeral. هن موبائل ايپلي ڪيشن ۾ مَيِّت