Mola Ali Ki Shan Aur Quran

Book Name:Mola Ali Ki Shan Aur Quran

دعوتِ اسلامی کی قَیُّوم، سارے جہاں میں مچ جائے دُھوم

اس پہ فِدا ہو بچہ بچہ یااللہ! مری جھولی بھر دے

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: نيڪ اعمال

الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَ لْتَنْظُرْ نَفْسٌ مَّا قَدَّمَتْ لِغَدٍۚ- 28، سورۂ حشر:18)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ هر جان ڏسي ته ان سڀاڻي جي لاءِ اڳتي ڇا موڪليو آهي.

* سرورِ عالم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمائن ٿا: عقل مند اهو آهي جيڪو پنهنجو مُحاسبو ڪري ۽ مرڻ کان پوءِ جي لاءِ عمل ڪري.([1]) * پنهنجي اصلاح ڪرڻ ۽ شيطان کان بچڻ جو بهترين طريقو هي آهي ته اسين پنهنجين عادتن، پنهنجي ڪردار ۽ پنهنجي عمل جو جائزو وٺندا رهون.

موجوده دور ۾ اميرِ اهلِ سنّت مولانا محمد الياس عطّار قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه  پنهنجو جائزو وٺڻ جو آسان طريقو مهيا ڪيو آهي: رسالو نيڪ اعمال * وڏي عمر جي اسلامي ڀائرن لاءِ نيڪ اعمال رسالي ۾ 72 سوال جواب لکيل آهن * هر سوال جي هيٺان 30 خانا آهن *  روزانو سوال پڙهي پنهنجو جائزو وٺڻو هوندو آهي ۽ خانا ڀرڻا هوندا آهن *  درست اسلامي زندگي گذارڻ جو اهو بهترين نسخو آهي * هن رسالي جي ذريعي نه ڄاڻ ڪيترن ماڻهن جي اصلاح ٿي چڪي آهي.

 * اوهان به هي رسالو خريد ڪريو! روزانو پنهنجو جائزو وٺندا ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! تمام گهڻو فائدو ٿيندو * اخلاق سنورجي ويندا * ڪردار سٿرو ٿيندو  


 

 



[1]... ترمذی، صفحہ:583، حدیث:2459بتغیر قلیل۔