Book Name:Mola Ali Ki Shan Aur Quran
رضا جي خاطر الله پاڪ جي دشمنن سان نفرت ڪرڻي آهي. ڪنهن کي ڪجهه ڏيڻو آهي ته فقط الله پاڪ جي رضا جي نيت سان ڏئي ڪنهن کان ڪجهه روڪڻو آهي ته الله پاڪ جي رضا جي نيت سان روڪي. مختصر اهو ته جيڪو شخص پنهنجي زندگي جو هر ننڍي کان ننڍو ۽ وڏي کان وڏو ڪم ڪري ته الله پاڪ جي رضا لاءِ ڪندو ڪري، سڀني ڪمن ۾ نيڪ نيت رکي، اُن جو ايمان ڪامل ٿي ويندو آهي.
الله پاڪ جي رضا سڀ کان وڏي نعمت آهي
پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته مسلمان جي زندگي جو اصل مقصد الله پاڪ جي رضا حاصل ڪرڻ آهي، جنهن خوش نصيب کي اها نعمت نصيب ٿي وئي، اهو دنيا ۽ آخرت ۾ ڪامياب ٿي ويندو. الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
وَ رِضْوَانٌ مِّنَ اللّٰهِ اَكْبَرُؕ- (پارہ:10،سورۂ توبہ:72)
ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ الله جي رضا سڀ کان وڏي شيءِ آهي
يعني جنت جي نعمتن مان سڀني کان وڏي نعمت اها هوندي ته الله پاڪ جنتين کان راضي هوندو ۽ ڪڏهن به ناراض نه ٿيندو.([1])
پياري آقا، مديني واري مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: الله پاڪ جنت وارن کي فرمائيندو: اي جنت وارﺆ! ڇا توهان راضي آهيو؟ جنت وارا عرض ڪندا: مولى! ڇو نه راضي هونداسين، تو اسان کي اهي نعمتون عطا ڪيون، جيڪي ڪنهن کي به عطا نه ڪيون.
الله پاڪ فرمائيندو: مان اوهان کي انهن سڀني کان اعليٰ نعمت عطا ڪندس. اهلِ جنت عرض ڪندا: مولى! انهن کان به وڌيڪ افضل ڪهڙي شيءِ ٿي سگهي ٿي؟ الله پاڪ فرمائيندو: مان اوهان کان هميشه راضي رهندس ۽ ڪڏهن به ناراض نه ٿيندس.([2])