Book Name:Mola Ali Ki Shan Aur Quran
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان الله پاڪ کي راضي ڪيئن ڪري سگهون ٿا؟ اچو ته هڪ خوبصورت روايت ٻڌون ٿا:
گناهن جي معافي گهرندا ڪيو...!!
حضرت علي بن ربيعه رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري مسلمانن جا چوٿان خليفه حضرت علي المرتضى شيرِ خدا رَضِیَ اللهُ عَنْہُ سواري تي سوار ٿيا، مون کي پنهنجي پويان ويهاريائون ۽ حِرَّه (نالي علائقي) ڏانهن روانا ٿيا، هلندي هلندي انهن آسمان ڏانهن نهاريو ۽ پڙهيائون:
اَللَّهُمَّ اغْفِرْ لِي ْذُنُوبِي ْاِنَّهُ لَا يَغْفِرُ الذُّنُوبَ اَحَدٌ غَيْرُكَ
ترجمو: اي الله پاڪ! منهنجا گناھ بخش فرماءِ بيشڪ توکان سواءِ ڪو به گناهن کي بخشڻ وارو نه آهي.
حضرت علي بن ربيعه رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: هي پڙهڻ کان پوءِ موليٰ علي شيرِ خدا رَضِیَ اللهُ عَنْہُ مون ڏانهن نهاريو ۽ مسڪرايائون، مان ڏاڍو حيران ٿيس، مون پڇيو: اي اميرالمؤمنين! اوهان پهريان استغفار ڪيو (يعني الله پاڪ کان گناهن جي معافي گهري) پوءِ منهنجي طرف ڏسي مسڪرايو، ان ۾ ڪهڙو راز آهي؟
منهنجو اهو سوال ٻڌي، حضرت موليٰ علي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ مون کي هڪ واقعو ٻڌايو (پنهنجي ماضي جي هڪ ياد کي تازو ڪيائون) فرمائڻ لڳا: هڪ ڀيري پيارا آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سواري تي سوار ٿيا، مون کي پنهنجي پٺيان ويهڻ جو شرف عطا ڪيائون ۽ (جهڙي طرح اڄ اسان حِرَّه جي طرف وڃي رهيا آهيون، ايئن ئي) حِرَّه جي طرف روانا ٿياسين، هلندي هلندي پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آسمان ڏانهن نظر کنئي پوءِ اهو ئي پڙهيو (جيڪو مون پڙهيو آهي ته)
اَللَّهُمَّ اغْفِرْ لِي ْذُنُوبِي ْاِنَّهُ لَا يَغْفِرُ الذُّنُوبَ اَحَدٌ غَيْرُكَ
ترجمو: اي الله پاڪ! منهنجا گناھ بخش فرماءِ بيشڪ توکان سواءِ ڪو به گناهن کي بخشڻ وارو نه آهي.