Mola Ali Ki Shan Aur Quran

Book Name:Mola Ali Ki Shan Aur Quran

رات جي عبادت

صحابيءِ رسول حضرت ابو ذر غفاري رَضِیَ اللهُ عَنْہُ روايت ڪن ٿا ته الله پاڪ جي آخري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: 3 شخص آهن جن کي ڏسي الله پاڪ مسڪرائيندو آهي ۽ تمام گهڻو خوش ٿيندو آهي: (1) اهو ٻانهو جيڪو رات جو اُٿي ، پنهنجو بسترو ڇڏي ڏيندو آهي، چڱيءَ طرح وضو ڪري  پوءِ نماز پڙهڻ لاءِ بيهي رهي، ان کي ڏسي الله پاڪ فرشتن کي فرمائيندو آهي: اي فرشتو! ٻڌايو! منهنجي هن ٻانهي کي هن نيڪي تي ڪنهن اُڀاريو آهي؟
فرشتا عرض ڪندا آهن:  مولى! تون بهتر ڄاڻين ٿو. الله پاڪ فرمائيندو آهي: ها! مان ڄاڻان ٿو پر توهان مونکي ٻڌايو! فرشتا عرض ڪندا: اي مالڪِ ڪريم! تو هن کي هڪ شيءِ (يعني دوزخ) جو خوف ڏنو آهي، هي انهيءَ کان ڊڄندو آهي ، تو هن کي هڪ شيءِ (يعني جنت) جي اميد ڏياري آهي، هي انهيءَ جي اميد  رکندو آهي، اهو ئي خوف ۽ اميد آهي جنهن هن کي رات جي ننڊ قربان ڪري تنهنجي سامهون بيهڻ لاءِ اُڀاريو آهي.

ان تي الله پاڪ فرمائيندو آهي: اي فرشتو! شاهد ٿي وڃو! هي جنهن شيءِ کان خوفزده آهي، مان پنهنجي ٻانهي کي ان کان امان ڏئي ڇڏي ۽ هي جنهن شيءِ جي اميد رکندو آهي اها (يعني جنت) مون ان جي لاءِ واجب ڪري ڇڏي. (2) ٻيو اهو شخص آهي جيڪو حق ۽ باطل جي جنگ ۾ شريڪ ٿيو، ثابت قدم رهيو تان جو شهيد ٿي ويو، يا الله پاڪ ان کي فتح عطا فرمائي (ان شخص کي ڏسي به الله پاڪ مسڪرائيندو آهي).  (3)  ٽيون اهو شخص آهي جيڪو رات جو سفر ڪندو آهي ايتري تائين جو رات جي آخري حصي ۾ جڏهن ڪٿي ترسندو آهي ته ساڻس گڏ ٻيا ماڻهو سمهي پوندا آهن  پر هو اٿي نماز پڙهندو آهي. (ان ٻانهي کي ڏسي به الله پاڪ مسڪرائيندو آهي). ([1])


 

 



[1]... زہد لابن مبارک، باب فضل ذکر اللہ، جز:9، صفحہ:345، حدیث:1212 ۔