Book Name:Mola Ali Ki Shan Aur Quran
جي دعوت ڏئي ٿو پر ايمان جي جان ۽ سڃاڻپ حضرت علي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي محبت آهي. الله پاڪ جا وڏا وڏا اولياءَ وڏي شان ۽ عظمت وارا آهن، مگر مولى علي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ هر شان واري وليُ الله جا آقا ۽ مولا آهن.
قرآن ڪريم تمام علمن جو مجموعو آهي
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان مسلمانن جي چوٿين خليفي حضرت مولى علي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي علمي شان بابت هڪ زبردست ۽ خوبصورت واقعو ٻڌو. ھن واقعي تي غور فرمايو! پهريان اهو ڏسو ته قرآن ڪريم ڪيڏو نه جامع ڪتاب آهي. مولى علي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جڏهن قرآن ڪريم جي تفسير بيان ڪرڻ ويٺا ته هڪ ئي لفظ جي وضاحت ۾ سڄي رات گذري وئي.
سُبْحٰنَ الله! هي آهي قرآن جو شان ....!! الله پاڪ فرمائي ٿو:
وَ لَا رَطْبٍ وَّ لَا یَابِسٍ اِلَّا فِیْ كِتٰبٍ مُّبِیْنٍ(۵۹) (پارہ:7، سورۂ انعام:59)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ ڪا به آلي شيءِ نه آهي ۽ نه ئي سُڪَلَ شيءِ مگر اها هڪ روشن ڪتاب ۾ آهي.
يعني ڪابه شيءِ خشڪ هجي يا تَر، وڏي هجي يا ننڍي، ماضيءَ ۾ هئي يا هاڻي به موجود آهي، هن وقت آهي يا ايندڙ وقت هوندي، غرض دنيا جي ڪابه شيءِ اهڙي ناهي جنهن جو ذڪر قرآن ڪريم ۾ موجود نه هجي.
صحابيءِ رسول حضرت عبد الله بن مسعود رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمائن ٿا: جيڪو شخص علم سکڻ چاهي ٿو ان کي گهرجي ته قرآن ڪريم کي مضبوطيءَ سان پڪڙي وٺي بيشڪ ان ۾ اڳين ۽ پوين جون خبرون آهن.[1]
پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! هي قرآن ڪريم جو شان آهي...!! هي اهو