Mola Ali Ki Shan Aur Quran

Book Name:Mola Ali Ki Shan Aur Quran

جي بستري مبارڪ تي ليٽڻ قبول ڪري ورتائون مطلب ته پاڻ محبوبِ ذيشان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي رضا خاطر پنهنجي جان خطري ۾ وجهي رهيا هئا. الله پاڪ کي مولا علي رَضِیَ اللہُ عَنْہُ جو اهو جذبو ڏاڍو پسند آيو، تنهنڪري سندن شان ۾ هيءَ آيت نازل ڪئي وئي. فرمايو ويو: [1]

وَ مِنَ النَّاسِ مَنْ یَّشْرِیْ نَفْسَهُ ابْتِغَآءَ مَرْضَاتِ اللّٰهِؕ-وَ اللّٰهُ رَءُوْفٌۢ بِالْعِبَادِ(۲۰۷) (پارہ:2، سورۂ بقرہ:207)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ ماڻهن مان ڪو اهو آهي جيڪو الله جي رضا تلاش ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي جان وڪڻي ڇڏيندو آهي.

سُبْحٰنَ اللہ! ان مان معلوم ٿيو ته حضرت مولا علي رَضِیَ اللہُ عَنْہُ الله پاڪ جي رضا جا طلبگار آهن ۽ ايتري حد تائين طلبگار آهن جو الله پاڪ کي راضي ڪرڻ لاءِ پنهنجي جان جي بازي لڳائڻ لاءِ به تيار ٿي ويندا آهن.

رِضاءِ موليٰ جا طلبگار بڻجي وڃو

پيارا اسلامي  ڀائرو! ڪاش!  مولا علي رَضِیَ اللہُ عَنْہُ  جي صدقي اسان به الله پاڪ جي رضا جا سچا طلبگار بڻجي وڃون ...!! حضرت علي المرتضيٰ رَضِیَ اللہُ عَنْہُ جن جي غلامي جي اسان دعوا ڪيون ٿا انهن جو شان ته هي آهي جو الله پاڪ کي راضي ڪرڻ لاءِ پنهنجي جان جي بازي لڳائڻ لاءِ به تيار ٿي ويا، ٻئي طرف اسان جو هي حال آهي جو * الله پاڪ کي راضي ڪرڻ لاءِ صرف نماز پڙهڻ جو وقت به نه ٿا ڪڍي سگهون * دنيا جون مصروفيتون پالي ويٺا آهيون پر الله پاڪ جي بارگاهه ۾ سجدو ڪرڻ جو وقت اسان کي نه ملندو آهي * فضول ڳالهين ۾ لڳل  رهندا آهيون، اجائي بڪ بڪ ۾ وقت وڃائيندا آهيون بلڪه گناهن ڀري گفتگو به ڪري ويندا آهيون، پر افسوس! الله پاڪ جو ذڪر ڪري سندس رضا حاصل ڪرڻ جو وقت اسان کي نه ملندو آهي. * سڄي دنيا جون خبرون ٻڌندا رهنداسين * فيس بڪ جون پوسٽون روزانو سَوين پڙهي وٺنداسين * انسٽاگرام وغيره جا سوين پيغام پڙهي وينداسين، پر افسوس!


 

 



[1]... اُسد الغابہ، جلد:4، صفحہ:98 مفصلاً۔