Mola Ali Ki Shan Aur Quran

Book Name:Mola Ali Ki Shan Aur Quran

بھیک لینے کے لئے دربار میں منگتا ترا                                                          لے کے کشکول آگیا مولیٰ علی مشکل کُشا!

کیوں پِھروں در در بھلا خیرات لینے کے لئے                               میں     فقط     منگتا     تِرا     مولیٰ     علی     مشکل     کُشا!  ([1])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                      صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

آقا جو پاڙو حاصل ڪرڻ جو طريقو

ڪاش!  مولا علي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي صدقي اسان جي بي حساب بخشش ٿئي ۽ جنت ۾ آقا ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو پاڙو نصيب ٿي وڃي.

احاديث ڪريمه موجب: * ڪثرت سان سجدا ڪرڻ سان جنت ۾ آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو پاڙو نصيب ٿيندو آهي. * نياڻين جي بهتر انداز سان پرورش ڪرڻ سان آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو پاڙو نصيب ٿيندو آهي * يتيمن جي پرورش ڪرڻ   * وڏن جو ادب ڪرڻ، ننڍن تي شفقت ڪرڻ * ۽ سنتن سان محبت ڪرڻ جي برڪت سان جنت ۾ آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو پاڙو نصيب ٿيندو آهي. اسان کي گهرجي ته اهي نيڪ عمل اختيار ڪيون، ڪثرت سان سجدا ڪيون، يعني پنج وقت نماز پڙهون، فرض به ادا ڪيون، سنتون به پڙهون ان سان گڏوگڏ نفلن جي به ڪثرت ڪيون، نياڻين جي بهتر پرورش ڪيون، يتيمن جي سارَ سنڀال لهون، سنتن سان محبت ڪندا رهون اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! جنت ۾ آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو پاڙو نصيب ٿي ويندو.  

(2)  الله پاڪ جي رِضا چاهڻ وارا

پيارا اسلامي  ڀائرو! مولا علي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي شان ۾ هڪ ٻي آيتِ قرآني سماعت ڪيو!  الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

وَ مِنَ النَّاسِ مَنْ یَّشْرِیْ نَفْسَهُ ابْتِغَآءَ مَرْضَاتِ اللّٰهِؕ-وَ اللّٰهُ رَءُوْفٌۢ بِالْعِبَادِ(۲۰۷) (پارہ:2، سورۂ بقرہ:207)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ ماڻهن مان ڪو اهو آهي جيڪو الله جي رضا تلاش ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي جان وڪڻي ڇڏيندو آهي.


 

 



[1]...وسائلِ بخشش، صفحہ:522ـ524ملتقطاً۔