Book Name:Mola Ali Ki Shan Aur Quran
پوءِ پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجو رخِ انور مون ڏانهن ڪيو ۽ مسڪرايائون ان تي مون به اهو ئي سوال پڇيو هو جيڪو تو پڇيو آهي ته: يا رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هن عملِ مبارڪ جي حڪمت ڇا آهي؟ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اي علي! جڏهن ٻانهو الله پاڪ کان گناهن جي معافي گهرندو آهي ته الله پاڪ ان شخص کان خوش ٿي مسڪرائيندو آهي، بس الله پاڪ جي انهيءَ مسڪرائڻ جي ڪري مون به مسڪرايو آهي.([1])
سُبْحٰنَ اللہ! ڇا ڳالهه ڪجي...!! پهريان ته هن روايت ۾ مولى علي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جو انداز ڏسو! سندن اداءِ مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان محبت جو انداز ڏسو! پاڻ مڪمل طور اهو ئي نقشو اختيار ڪيو، حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سواري تي سوار ٿيا هئا، مولى علي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ به سواري تي ويٺا، آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مولى علي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کي پنهنجي پٺيان ويهاريو هو، مولى علي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ به حضرت علي بن ربيعه رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کي پنهنجي پٺيان ويهاريو، حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم حِرَّه طرف روانا ٿيا هئا، مولى علي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ به حِرَّه طرف روانا ٿيا، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آسمان ڏانهن نهاريو هو، مولى علي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ به آسمان ڏانهن نهاريو، حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم دعاءِ مغفرت پڙهي هئي، مولى علي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ به ساڳي دعا پڙهي، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پوئتي ڏسي مسڪرايو هو، مولى علي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ به پوئتي ڏسي مسڪرايو. يعني، مڪمل طور ساڳيو منظر جيڪو رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان گڏ هوندي پيش آيو هو، مولى علي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ هوبهو ساڳيو ئي منظر ورجايو پوءِ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي حديث بيان فرمايائون:
سُبْحٰنَ الله! هيءَ آهي صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہم جي سنتن سان محبت...!! پوءِ اسان ڇو نه چئون: