Mola Ali Ki Shan Aur Quran

Book Name:Mola Ali Ki Shan Aur Quran

اَلْحَمْدُ لِلّٰهِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَۙ(۱) (پارہ:1، سورۂ فاتحہ:1)

ترجموڪنزالعرفان: سڀ تعريفون الله جي لاءِ آهن جيڪو سڄي جهان وارن جو پالڻهار آهي

(هيءَ جيڪا سُوره فاتحه جي پهرين آيت آهي) ان ۾ شروع جي حرف الف جي معنى ڇا آهي؟

حضرت عبد الله بن عباس رَضِیَ اللهُ عَنْہُ  پاڻ به قرآنِ ڪريم جا وڏا ماهر هئا، پر حضرت علي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ  جيئن ته وڌيڪ علم وارا آهن، لهٰذا عرض ڪيائون: حضور! اوهان ئي ارشاد فرمايو! فرمائن ٿا: مولى علي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ  حرف الفجي وضاحت ڪرڻ شروع ڪئي، ان جي تفسير ڪندا رهيا، ڪندا رهيا، ڪيترائي ڪلاڪ صرف حرفِ الف جي وضاحت ۾ گذري ويا. پوءِ فرمايائون اَلْحَمْدُ ۾حرفِ الف کان پوءِ جيڪو حرفِ لام آهي، ان جو ڇا مطلب آهي؟ حضرت عبد الله رَضِیَ اللهُ عَنْہُ  وري عرض ڪيو: اوهان ئي ارشاد فرمايو: لهٰذا مولى علي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ  حرفِ لام جي وضاحت شروع ڪئي ته ان ۾ به ڪيترائي ڪلاڪ گذري ويا. ائين ڪندي ڪندي،اڃان قرآن ڪريم جي پهرين آيت جي پهرئين لفظ اَلْحَمْدُ جي وضاحت ئي پوري ٿي هئي ته فجر جي اذان ٿي وئي.[1]

خاموش ہیں تو دِین کی پہچان علی ہیں                                    گر بولیں تو لگتا ہے کہ قرآن علی ہیں

قرآن تو دیتا ہے ہمیں دعوتِ ایمان                           ایمان یہ کہتا ہے میری جان علی ہیں

اُمّت میں نمایاں ہیں سبھی اَہْلِ وِلایَت                       اَصْحابِ وِلایَت کے بھی سلطان علی ہیں

وضاحت: مولى علي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ  جو اهو شان آهي جو خاموشي جي حالت ۾ به سندن ڪردار مان دينِ اسلام جي سڃاڻپ ٿي ويندي آهي ۽ جڏهن پاڻ ڪلام فرمائيندا آهن ته قرآن پاڪ جي ترجماني ڪندا آهن، قرآن ته هر ڪنهن کي ايمان


 

 



[1]... الشرف المؤبد، صفحہ:95 ۔