Book Name:Mola Ali Ki Shan Aur Quran
* پياري آقا مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کين اَسَدُ الله (يعني الله پاڪ جو شينهن) جي لقب سان نوازيو.([1]) * اَسَدُ الله جو مطلب آهي: الله پاڪ جو شينهن.
علی المرتضیٰ شیرِ خُدا ہیں کہ ان سے خوش حبیبِ کبریا ہیں
* مولا علي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ اولين مهاجرن يعني ابتدا ۾(هجرت ڪرڻ وارا) ۽ عَشَرَہ مُبَشَّرَہ (يعني اهي 10 خوشنصيب صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہُم جن کي پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم نالو کڻي جنت جي بشارت ڏني انهن) مان آهن. * غزوه بدر، اُحد وغيره ۾ شريڪ ٿيا. ([2]) سندن شجاعت ۽ بهادري تمام گهڻي مشهور ۽ معروف آهي. * مسلمانن جي ٽئين خليفي حضرت عثمان غني رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي شهادت کان پوءِ پاڻ رَضِیَ اللهُ عَنْہُ مسند خلافت تي ويٺا. پاڻ رَضِیَ اللهُ عَنْہُ 4 سال، 8 مهينا ۽ 9 ڏينهن تائين خلافت جون ذميواريون نهايت حسن ۽ خوبي سان سر انجام ڏنيون. ([3]) 17 يا 19 رمضان شريف سن 40 هجري تي هڪ خبيث خارجي جي قاتلاڻي حملي ۾ شديد زخمي ٿي پيا ۽ 21 رمضان شريف آچر جي رات جام شهادت نوش فرمايائون. ([4])
اَصْلِ نَسْلِ صَفَا، وجہِ وَصْلِ خُدا بابِ فَضْلِ وِلایت پہ لاکھوں سلام ([5])
وضاحت: حضرت علي المرتضيٰ رَضِیَ اللهُ عَنْہُ پاڪ نسل(يعني سيد زادن) جا جدِ اعلى آهن، واصِل باللہ(يعني الله پاڪ جو مقرب) بڻجڻ جو سبب ۽ ولايت جي فضيلت ملڻ جو دروازو آهن. پاڻرَضِیَ اللهُ عَنْہُ تي لکين سلام هجن.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد