Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

Book Name:Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

حضرت سَيدُنا عطاء رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي باري ۾ اچي ٿو ته ڪڏهن به ڪنهن پاڻ کي مرڪندي نه ڏٺو، پاڻ جڏهن روئڻ شروع ڪندا هئا ته ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون مسلسل روئيندا رهندا هئا۔ جڏهن به آسمان تي بادل ظاهر ٿيندا هئا ۽ بجلي کڙڪو ڪندي هئي سندن دل جي ڌڙڪن تيز ٿي ويندي هئي، بدن ڏڪڻ لڳندو هو، بيتاب ٿي ڪڏهن بيهندا ڪڏهن ويهندا هئا، گڏوگڏ روئيندي چوندا هئا: شايد منهنجي لغزشن ۽ گناهن جي ڪري زمين وارن کي ڪنهن مصيبت ۾ مبتلا ڪيو وڃڻ وارو آهي، جڏهن مان مري ويندس ته ماڻهن کي به سڪون حاصل ٿي ويندو۔ (خوفِ خدا، ص۸۵)

4۔ سلطانُ الهند حضرت خواجه غريب نواز سيد حسن سنجري اجميري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه زبردست ولي الله هئا۔ پر اُنهن تي خَوفِ خُدا ايتري قدر غالب هو جو هميشه خَشِيتِ اِلاهي سان ڏڪندا ۽ گريه وزاري ڪندا رهندا هئا، مخلوقِ خُدا کي خَوفِ خُدا جي تلقين ڪندي ارشاد فرمائيندا هئا: اي انسانو! جيڪڏهن توهان مٽي هيٺ ستل ماڻهن جو حال ڄاڻي وٺو ته خوف وچان بيهي بيهي پگھرجي وڃو۔ (معین الارواح، ص ۱۸۵ملخصاً )

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

خواجه غريب نواز جو ذڪرِ خير

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!حضرت خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ۽ ٻين اولياءِ ڪرام جو خوفِ خدا سبب روئڻ مرحبا! 6 رَجَبُ المُرَجَّب جو سلطانُ الهند حضرتِ سَيدنا خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو عُرس مُبارَڪ آهي. اچو! انهيءَ مناسبت سان سندن جو مختصر مبارڪ ذڪر ٻڌون ٿيون:

حضرت خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو نالو حَسَن چشتي اَجميري آهي، سندن رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي مشهور لقبن ۾ مُعينُ الدّين، غريب نواز، سلطانُ الهند ۽ عطاءِ رسول شامل آهن۔ (معين الهند حضرت خواجه معين الدين اجميري، ص۲۰ ملخصاً) حضرت خواجه غريب