Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

Book Name:Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

رب جي رحمت وڏي آهي

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! هن حڪايت مان جتي خوفِ خدا سبب روئڻ جي اهميت معلوم ٿي اتي اهو به معلوم ٿيو ته الله پاڪ جي رحمت تمام وسيع آهي۔ اهو ڪريم رب پنهنجن ٻانهن تي بي انتها رحم فرمائيندو آهي۔ دنيا جو اصول آهي ته غلطي تي هٿوهٿ دڙڪو يا سزا ملندي آهي، پر قربان وڃجي پنهنجي رب ڪريم جي بخشش ۽ رحمت تي جو هو نافرمانين جي ڪثرت جي باوجود به اسان جي پرده پوشي فرمائي ٿو۔ گناهن جي باوجود به اسان جو رب ڪريم اسان جو رزق بند ناهي ڪندو۔ گناهن جي باوجود اسان جو رب ڪريم  اسان جي اکين جي روشني ختم ناهي ڪندو، گناهن جي باوجود اسان جو رب ڪريم اسان جي ٻڌڻ جي قوت کي ختم ناهي ڪندو، گناهن جي ڪثرت جي باوجود اسان جو رب ڪريم اسان کي ڳالهائڻ جي طاقت کان محروم ناهي ڪندو، گناهن جي ڪثرت جي باوجود اسان جو رب ڪريم اسان کي پيرن جي نعمت کان محروم ناهي ڪندو، گناهن جي ڪثرت جي باوجود اسان جو رب ڪريم اسان کي هٿن جي نعمت کان محروم ناهي ڪندو. خطائن جي گھڻائي جي باوجود هو اسان کي پنهنجي ڪرم واري در کان دور ناهي ڪندو۔ هو ڪريم صرف پنهنجي فضل ۽ رحمت سان گُناهن کي لڪائي ڇڏيندو آهي ڇوته ان جي رحمت ان جي غضب تي حاوي آهي۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

٭ اهو الله پاڪ اسان جو پَرۡوَرۡدۡگار اهڙو”ڪريم“ آهي جيڪو نافرمانن تي به جود ۽ ڪرم جي برسات ڪندو آهي، ٭ اهو پَروردگار اهڙو”حليم“ آهي جو جڏهن ڪنهن گناھگار کي پنهنجي نافرماني تي حسرت ۽ ندامت ڪندي ڏسندو آهي ته ان جي توبه قبول ڪندو آهي۔ ٭ اهو پَرۡوَرۡدۡگار اهڙو ”عليم“ آهي جيڪو دلين جا راز ڄاڻيندو، نيتن کان آگاھ آهي ۽ زمين ۽ آسمان جي ڪا شيءِ ان کان لڪيل نه آهي۔ ٭ اهو پَرۡوَرۡدۡگار اهڙو ”عظيم“ آهي جو ڪنهن به گناھ کي معاف ڪرڻ ان جي لاءِ دشوار نه آهي۔